اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ گذريل ڏينھن به تيزي جو لاڙو رھيو، 100 انڊيڪس 898 پوائنٽس کان وڌي ھڪ لک 71 ھزار 639 پوائنٽس جي نئين بلند ترين سطح تي پھچي ويو. ماھرن مطابق پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج لاءِ ھلندڙ سال غير معمولي ثابت ٿيو آھي. ڪي ايس اي 100 انڊيڪس ۾ ھن وقت تائين اٽڪل 40 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آھي، جيڪو …
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي جو رجحان، 100 انڊيڪس 898 پوائنٽس کان وڌي ھڪ لک 71 ھزار 639 پوائنٽس جي نئين بلند ترين سطح تي پھچي ويو

مزید خبریں
اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ گذريل ڏينھن به تيزي جو لاڙو رھيو، 100 انڊيڪس 898 پوائنٽس کان وڌي ھڪ لک 71 ھزار 639 پوائنٽس جي نئين بلند ترين سطح تي پھچي ويو. ماھرن مطابق پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج لاءِ ھلندڙ سال غير معمولي ثابت ٿيو آھي. ڪي ايس اي 100 انڊيڪس ۾ ھن وقت تائين اٽڪل 40 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آھي، جيڪو خطي جي اڪثر اسٽاڪ مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ بھتر ڪارڪردگي آھي. ماھرن جو چوڻ آھي معاشي اھڃاڻن ۾ بھتري، سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ۽ ھاڪاري پاليسي قدمن سبب اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي جو رجحان برقرار آھي.











