اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) ملڪ جي پرڏيھي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ جاري سال دوران مجموعي طور 3.203 ارب ڊالر جو نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آھي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق گذريل سال جي پڄاڻي تي ملڪ جي پرڏيھي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 16.409 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو ھو، جنھن ۾ اسٽيٽ بئنڪ وٽ پرڏيھي مٽاسٽا جي ناڻي …
ملڪ جي پرڏيھي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ جاري سال دوران 3.203 ارب ڊالرن جو اضافو رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) ملڪ جي پرڏيھي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ جاري سال دوران مجموعي طور 3.203 ارب ڊالر جو نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آھي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق گذريل سال جي پڄاڻي تي ملڪ جي پرڏيھي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 16.409 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو ھو، جنھن ۾ اسٽيٽ بئنڪ وٽ پرڏيھي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 11.71 ارب ڊالر ۽ ڪمرشل بئنڪن وٽ پرڏيھي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 4.698 ارب ڊالر ھو. 5 ڊسمبر تي ختم ٿيل ھفتي ۾ ملڪ جي پرڏيھي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 19.612 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو، جنھن مان اسٽيٽ بئنڪ وٽ پرڏيھي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 14.58 ارب ڊالر ۽ ڪمرشل بئنڪن وٽ پرڏيھي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 5.026 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو. جاري ڪيلينڊر سال دوران اسٽيٽ بئنڪ جي پرڏيھي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ مجموعي طور 2.876 ارب ڊالر ۽ ڪمرشل بئنڪن جي پرڏيھي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ 328 ملين ڊالرن جو اضافو ٿيو آھي. واضح رھي ته عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان لاءِ 1.2 ارب ڊالر جي قسط اڳ ئي جاري ڪئي آھي، جيڪا اسٽيٽ بئنڪ کي وصول ٿي آھي. جاري ھفتي جي پڄاڻي تي پرڏيھي مٽاسٽا جي ناڻي جي حوالي سان جاري انگن اکرن ۾ اھا قسط شامل ڪئي ويندي، جنھن کانپوءِ پرڏيھي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ وڌيڪ 1.2 ارب ڊالرن جو اضافو ٿي ويندو. پرڏيھي مٽاسٽا جي ناڻي جا موجوده ذخيرا 2.77 مھينن جي آمدني واپار لاءِ ڪافي آھن.











