صدر آصف علي زرداري پاران پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران بحرين جي قومي ڏينهن جي موقعي تي مبارڪُون

اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان جي حڪومت ۽ پاڪستاني عوام پاران بحرين جي قومي ڏينهن جي موقعي تي شاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه، بحرين جي حڪومت ۽ ڀائر بحرين جي عوام کي دلي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بحرين جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته پاڪستان کي بحرين سان پنهنجي مضبوط …

اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان جي حڪومت ۽ پاڪستاني عوام پاران بحرين جي قومي ڏينهن جي موقعي تي شاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه، بحرين جي حڪومت ۽ ڀائر بحرين جي عوام کي دلي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بحرين جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته پاڪستان کي بحرين سان پنهنجي مضبوط ۽ مستحڪم لاڳاپن تي فخر آهي، اسان جا لاڳاپا گڏيل احترام، گڏيل ثقافتي رابطي ۽ ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل ڀائيچاري جي جذبي تي قائم آهن، اسان مختلف شعبن ۾ پنهنجي تعاون ۽ علائقائي ۽ عالمي فورمز تي ويجهي هم آهنگي کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. صدر چيو ته پاڪستان گڏيل رابطن، باقاعده رابطن ۽ عوام سان عوام جي سطح تي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏئي انهن لاڳپان کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستاني برادري جيڪا بحرين ۾ رهندڙ غيرملڪي ڪميونٽيز مان هڪ آهي، اسان جي ٻنهي ملڪن جي وچ م هڪ اهم معاشرتي حصيدار ۽ ثقافتي پُل جي طور تي پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪندي رهي آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته اسان ان ڏينهن جي موقعي تي بحرين جي مسلسل ترقي، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجي مخلصاڻي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪستان ٻنهي ملڪن جي حصيداري کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ ۽ پنهنجي عوام جي امن ۽ ڀلائي جي لاءِ گڏيل تعاون سان ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو.

مزید خبریں