ملڪ خلاف ٽرينڊز جو حصو بڻجڻ تي قانوني ڪارروائي کي مُنهن ڏيڻو پئجي سگهجي ٿو، پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا تي منظم طريقي سان ملڪي ادارن خلاف مهم هلائي رهي آهي: طلال چوڌري

اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري تنبيهه ڪئي آهي ته ملڪ خلاف ٽرينڊز جو حصو بڻجڻ تي قانوني ڪارروائي کي مُنهن ڏيڻو پئجي سگهجي ٿو، پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا تي منظم طريقي سان ملڪي ادارن خلاف مهم هلائي رهي آهي، ملڪ خلاف ٽرينڊز جو حصو بڻجڻ جي صورت ۾ اوهان کي قانوني ڪارروائي کي مُنهن ڏئي سگهجي ٿو. پي ٽي وي هيڊ …

اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري تنبيهه ڪئي آهي ته ملڪ خلاف ٽرينڊز جو حصو بڻجڻ تي قانوني ڪارروائي کي مُنهن ڏيڻو پئجي سگهجي ٿو، پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا تي منظم طريقي سان ملڪي ادارن خلاف مهم هلائي رهي آهي، ملڪ خلاف ٽرينڊز جو حصو بڻجڻ جي صورت ۾ اوهان کي قانوني ڪارروائي کي مُنهن ڏئي سگهجي ٿو. پي ٽي وي هيڊ ڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مملڪتي وزير چيو ته دهشتگرد تنظيمون سوشل ميڊيا جو استعمال ڪري رهيون آهن، ڪجهه ڌُرين ملڪي سلامتيءَ کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿيون، حڪومت اظهار جي آزادي تي يقين رکي ٿي، سوشل ميڊيا تي ملڪي ادارن خلاف ناپاڪ مهم هلائي وڃي ٿي، ملڪي خودمختياري تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا تي منظم طريقي سان ملڪي ادارن خلاف مهم هلائي رهي آهي، پي ٽي آءِ جا اڪائونٽس پرڏيهه مان هلايا پيا وڃن، دهشتگرد تنظيم بي ايل اي جا ٽرينڊز به بڻايا وڃن ٿا، هڪ هڪ ميسيج جا پئسا وصول ڪيا وڃن ٿا، ٽرينڊز بڻايا وڃن ٿا، هيش ٽيگز ۽ ٽرينڊز جي قيمت ورتي وڃي ٿي، ماڻهو سوشل ميڊيا ٽرينڊز بڻائي پئسا وصول ڪن ٿا. طلال چوڌري جو چوڻ هو ته ملڪ خلاف ٽرينڊز جو حصو بڻجڻ تي قانوني ڪارروائي کي مُنهن ڏيڻو پئجي سگهجي ٿو، ڪيترن ئي اڪائونٽس جي ٽرينڊز کي پرڏيهه مان ويهي ڪمپنيون هلائين ٿيون، ڪجهه ڪمپنيون پرڏيهه ۾ ويٺل آهن اهي اڪائونٽس جا نالا تبديل ڪري وٺن ٿيون.

مزید خبریں