اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪولاچي، ڊيره اسماعيل خان ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آپريشن دوران 7 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو ۽ آپريشن دوران ملڪ جي لاءِ جان جو …
وزيراعظم پاران فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪولاچي، ڊيره اسماعيل خان ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آپريشن دوران 7 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو ۽ آپريشن دوران ملڪ جي لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪندڙ نائيڪ ياسر خان شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم شهيد جي درجن جي بلنديءَ ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج جا بهادر آفيسر ۽ جوان ملڪ ۽ قوم جي خاطر پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪرڻ کان به نه ٿا ڪيٻائين، قوم پنهنجي بهادر آفيسرن ۽ جوانن جي ملڪ جي خاطر عظيم قربانين کي ڪڏهن به ٿي وساري سگهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين.











