لاهور – 15 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير جي هدايت تي پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن ۽ ڊائريڪٽر جنرل پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) لاهور شفقت عباس لاهور پريس ڪلب جي صدر ارشد انصاري ۽ ٻين عهديدارن سان هڪ تفصيلي ملاقات ڪئي. اجلاس دوران لاهور پريس ڪلب جي صدر ارشد انصاري صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي درپيش مسئلن خاص طور تي هيلٿ …
وزيراعظم ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير جي هدايت تي پي آٰءِ او مبشر حسن ۽ ڊي جي پي آءِ ڊي لاهور شفقت عباس جي لاهور پريس ڪلب جي صدر ۽ ٻين عهديدارن سان ملاقات

مزید خبریں
لاهور – 15 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير جي هدايت تي پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن ۽ ڊائريڪٽر جنرل پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) لاهور شفقت عباس لاهور پريس ڪلب جي صدر ارشد انصاري ۽ ٻين عهديدارن سان هڪ تفصيلي ملاقات ڪئي. اجلاس دوران لاهور پريس ڪلب جي صدر ارشد انصاري صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي درپيش مسئلن خاص طور تي هيلٿ انشورنس جي حوالي سان جامع بريفنگ ڏني. هن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته صحافين جي پراڻي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي جلد حل ڪيو وڃي. هن چيئرمين آءِ ٽي اين اي جي مقرري ۾ دير تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان عمل کي فوري مڪمل ڪرڻ جي درخواست ڪئي. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن ٻڌايو ته چيئرمين آءِ ٽي اين اي جي مقرري آخري مرحلن ۾ آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت پريس ڪلبن جي معاونت جي لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي ۽ پي ٽي آءِ حڪومت ۾ هنيل پابندين کي ختم ڪري پريس ڪلبن جي مالي امداد وڌائڻ تي ڪم جاري آهي ته جيئن پريس ڪلب صحافين جي ڀلائي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪري سگهن. مبشر حسن وڌيڪ ٻڌايو ته وفاقي حڪومت صحافين جي لاءِ وزيراعظم هيلٿ انشورنس اسڪيم جي لاءِ وڏي رقم رکي وئي آهي، جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ 5 هزار صحافي فائدو کڻي رهيا آهن، جڏهن ته گذريل سال مختص فنڊز جو رڳو 29 سيڪڙو استعمال ٿي سگهيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته ايندڙ سال وڌ کان وڌ صحافي وزيراعظم هيلٿ انشورنس اسڪيم مان فائدو کڻي سگهندا. هن چيو ته ڪابينا جي منظوري کانپوءِ پريس ڪلبن کي مالي مدد جي فراهمي جي راهه وڌيڪ هموار ٿي ويندي. هن ان عزم جو پڻ اظهار ڪيو ته صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي ڀلائي جي لاءِ سمورا دستياب وسيلا استعمال ۾ آڻيندي اٺين ويج بورڊ ايوارڊ تي حقيقي معنيٰ ۾ عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو ته جيئن ڪنهن به صحافي يا ميڊيا ورڪر جو استحصال نه ٿئي. اجلاس جي پڄاڻي تي لاهور پريس ڪلب جي صدر ارشد انصاري حڪومت پاران صحافين جي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيندي مستقبل ۾ مثبت تعاون جي اميد ظاهر ڪئي. اجلاس ۾ پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن، ڊائريڪٽر جنرل پي آءِ ڊي لاهور شفقت عباس، ڊائريڪٽر پي آءِ ڊي لئيق باجوه، ڊپٽي ڊائريڪٽر پي آءِ ڊي ارسلان طاهر، صدر لاهور پريس ڪلب ارشد انصاري، سيڪريٽري لاهور پريس ڪلب زاهد عابد، سينيئر صحافي خواجه نصير، عباس نقوي، سيد فرزند علي ۽ قمر ڀٽي شرڪت ڪئي.











