اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر ريئر ايڊمرل (ر) فري سيني ويراتني ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ پراڻن دوستاڻن لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علائقائي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. وفاقي وزير پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ پراڻن دوستي وارن لاڳاپن ساراهيندي چيو ته موجوده علائقائي ۽ عالمي تناظر ۾ ٻنهي ملڪن کي گهڻ …
دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر ريئر ايڊمرل (ر) فري سيني ويراتني ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ پراڻن دوستاڻن لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علائقائي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. وفاقي وزير پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ پراڻن دوستي وارن لاڳاپن ساراهيندي چيو ته موجوده علائقائي ۽ عالمي تناظر ۾ ٻنهي ملڪن کي گهڻ رخي سهڪار جي هاڪاري موقعن مان فائدو کڻندي پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان سريلنڪا کي هڪ اهم علائقائي ملڪ سمجهي ٿو، جيڪو خطي ۽ دنيا ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستان، سريلنڪا جي علائقائي سلامتي ۽ خودمختياري جو مڪمل احترام ۽ حمايت ڪري ٿو. سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر پاڪستان حڪومت طرفان فراهم ڪيل تازي وقت سر انساني امداد ۽ سهڪار تي دل جي گهرائين سان ٿورو مڃيو. هن دهشتگردي جي خاتمي ۾ پاڪستان جي ڪاميابين جو اعتراف ڪندي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيوراڻي مهارت جي تعريف ڪئي. ملاقات ۾ ڌرين ٻنهي ملڪن وچ ۾ جاري سهڪار تي اطمينان جو اظهار ڪندي گڏيل مفاد جي شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.











