بنون-15 ڊسمبر (اي پي پي) بنون پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز ڪالهه ڪامياب آپريشن دوران پابندي مڙهيل تنظيم گل بهادر گروپ جا 4 ڪمانڊرز ماري ڇڏيا آهن. ڊي آءِ جي بنون ريجن سجاد خان طرفان جاري بيان موجب ڪارروائيءَ ۾ ڪمانڊر دانش عرف انصاف عرف سباون، ڪمانڊر زيف الله ولد سلامت خان، ڪمانڊر عطاءُ الرحمان رهائشي دته خيل، ڪوثر نالي دهشتگرد ماري ويا آهن. مارجي ويل دهشتگرد ڪجهه ڏينهن اڳ اسسٽنٽ …
بنون ۾ دهشتگردن خلاف پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز جي وڏي ڪارروائي، اهم ڪمانڊر دانش عرف انصاف 4 ٻين ڪمانڊرن سان مارجي ويو

مزید خبریں
بنون-15 ڊسمبر (اي پي پي) بنون پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز ڪالهه ڪامياب آپريشن دوران پابندي مڙهيل تنظيم گل بهادر گروپ جا 4 ڪمانڊرز ماري ڇڏيا آهن. ڊي آءِ جي بنون ريجن سجاد خان طرفان جاري بيان موجب ڪارروائيءَ ۾ ڪمانڊر دانش عرف انصاف عرف سباون، ڪمانڊر زيف الله ولد سلامت خان، ڪمانڊر عطاءُ الرحمان رهائشي دته خيل، ڪوثر نالي دهشتگرد ماري ويا آهن. مارجي ويل دهشتگرد ڪجهه ڏينهن اڳ اسسٽنٽ ڪمشنر نارٿ وزيرستان کي شهيد ڪرڻ ۾ سڌيءَ ريت ملوث آهن. مارجي ويل دهشتگرد علائقي ۾ ٻين دهشتگرد ڪاررواين، سهولتڪاري، دهشتگرد نيٽ ورڪ جي تنظيم سازي، نوان دهشتگرد ڀرتي ڪرڻ، ٽارگيٽ ڪلنگ، پوليس چؤڪين ۽ ٿاڻن تي حملن، ڀُنگ لاءِ اغوا جي وارداتن ۾ سڌيءَ ريت ملوث هئا. ان موقعي تي ڊي آءِ جي بنون ريجن پنهنجي بيان ۾ چيو ته رياست دشمن ڌُرين لاءِ واضح پيغام آهي ته دهشتگردن لاءِ هن ملڪ ۾ ڪي به محفوظ پناهگاهون ناهن، کين ڪٿي به لِڪڻ جو موقعو نه ڏنو ويندو. پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز دهشتگرديءَ خلاف پوري طرح پرعزم آهن. رياست دشمن ڌُرين کي چونڊي چونڊي نشانو بڻايو ويندو ۽ سندن مڪمل خاتمو ڪيو ويندو. عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.











