مانسهره-15 ڊسمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي مثبت ۽ عوام دوست پاليسين سبب پاڪستان جو عالمي سطح تي وقار ۽ عالمي مالياتي ادارن جو اعتماد ٻيهر بحال ٿيو آهي. موجوده حڪومت ملڪ کي معاشي استحڪام طرف گامزن ڪري چڪي آهي. هو بالاڪوٽ ۾ مسلم ليگ (ن) جي عوامي نمائندن، ڪارڪنن ۽ پارٽي عهديدارن کي خطاب ڪري …
موجوده حڪومت ملڪ کي معاشي استحڪام طرف گامزن ڪري چڪي آهي: وفاقي وزير سردار محمد يوسف

مزید خبریں
مانسهره-15 ڊسمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي مثبت ۽ عوام دوست پاليسين سبب پاڪستان جو عالمي سطح تي وقار ۽ عالمي مالياتي ادارن جو اعتماد ٻيهر بحال ٿيو آهي. موجوده حڪومت ملڪ کي معاشي استحڪام طرف گامزن ڪري چڪي آهي. هو بالاڪوٽ ۾ مسلم ليگ (ن) جي عوامي نمائندن، ڪارڪنن ۽ پارٽي عهديدارن کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته امن امان کانسواءِ پائيدار معاشي ترقي ممڪن ناهي، پاڪ فوج دهشتگرديءَ خلاف شيهي جي ڀِت بڻيل آهي ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي عزم موجب آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين ڪارروايون جاري رهنديون. سردار محمد يوسف چيو ته مانسهره کان چلاس ۽ چين تائين نئين 4 لائينن تي شاهراهه جي تعمير جي منظوريءَ سان نه صرف خطي ۾ سياحت کي هٿي ملندي پر هزارين ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا جنهن سان عوام جي معاشي حالت ۾ بهتري ايندي. هن ٻُڌايو ته تعلقه بالاڪوٽ سميت مانسهره جي ڏورانهن جابلو علائقن ۾ 50 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان بجلي جي فراهميءَ جا ڪيترائي منصوبا تيزيءَ سان جاري آهن. ان کان علاوه وزيراعظم جي خاص هدايت تي هاڻوڪي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ روڊن جي تعمير لاءِ 15 ڪروڙ رپين جا ترقياتي فنڊز منظور ڪيا ويا آهن جن جي ٽينڊرز جو عمل مڪمل ٿيڻ جي آخري مرحلي ۾ آهي. وفاقي وزير صوبائي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته بلدياتي نمائندن کي ترقياتي فنڊز کان محروم رکڻ عوام سان سنگين ناانصافي آهي.











