پنجاب حڪومت جون پوليو جي خاتمي واريون ڪوششون تعريف جوڳيون آهن: عائشه رضا فاروق

اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) پوليو جي خاتمي بابت وزيراعظم جي فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق چيو آهي ته پنجاب حڪومت جون پوليو جي خاتمي واريون ڪوششون تعريف جوڳيون آهن، پنجاب پوليو جي خاتمي جي ڪوششن ۾ سڀ کان مٿي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پوليو جي خاتمي واري مهم جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. تقريب ۾ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياري مهم جو افتتاح ڪيو ويو. …

اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) پوليو جي خاتمي بابت وزيراعظم جي فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق چيو آهي ته پنجاب حڪومت جون پوليو جي خاتمي واريون ڪوششون تعريف جوڳيون آهن، پنجاب پوليو جي خاتمي جي ڪوششن ۾ سڀ کان مٿي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پوليو جي خاتمي واري مهم جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. تقريب ۾ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياري مهم جو افتتاح ڪيو ويو. پنجاب جي صحت واري صوبائي وزير خواجه عمران چيو ته لاهور ۾ پوليو مهم 7 ڏيهن جاري رهندي. هن چيو ته پنجاب حڪومت جي ڪوششن سان ماحولياتي نمونا ناڪاري اچي رهيا آهن. ان موقعي تي پنجاب جي وزيراعليٰ جي پوليو بابت فوڪل پرسن عظميٰ ڪاردار چيو ته پنجاب ۾ 2025ع دوران صرف هڪ پوليو ڪيس رپورٽ ٿيو. ماحولياتي نمونن ۾ وائرس جي شرح 26 سيڪڙو رهجي وئي آهي. هن چيو ته مضبوط ڪوريج جي ڪري پنجاب ۾ پوليو سبب معذوري جا وڏا ڪيس رپورٽ نٿا ٿين. پوليو جي خاتمي واري پروگرام جي سربراهه عديل تصور بريفنگ ڏيندي چيو ته لاهور ۾ مهم ست ڏينهن تائين جاري رهندي، ٻين ضلعن ۾ چار ڏينهن تائين جاري رهندي. هن ٻڌايو ته سڄي پنجاب ۾ 2 لک کان وڌيڪ پوليو ورڪرز 1 ڪروڙ 70 لک کان وڌيڪ ٻارن کي ڦڙا پياريا ويندا. پوليو خلاف نمايان اڳڀرائي باوجود وائرس اڃان به هڪ خطرو آهي. آبادي جي مسلسل چرپر وائرس جي َڦهلاءُ جو وڏو سبب آهي. 78 سيڪڙو کان وڌيڪ هاڪاري نمونا صوبي جي اندروني ڦهلاءُ سان جڙيل آهن. هائي رسڪ موبائل آبادي جي ويڪسينيشن لاءِ پنجاب ۾ ٽرانزٽ پوائنٽس قائم ڪيا ويا آهن. پنجاب حڪومت فرنٽ لائن پوليو ورڪرز جي سيڪيورٽي ۽ تحفظ کي يقيني بڻائي رهي آهي. پوليو خلاف بهترين تحفظ لاءِ هر ٻار کي بار بار پوليو جا ڦڙا پيارڻ ضروري آهي. هن، والدين کي اپيل ڪئي ته پوليو ٽيمن جي آجيان ڪئي وڃي ۽ تعاون يقيني بڻائيو وڃي.

مزید خبریں