پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي، 100 انڊيڪس هڪ لک 70 هزار کان وڌي ويو

اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن تيزي ڏسڻ ۾ آئي، شروعاتي ڪاروبار دوران 900 کان وڌيڪ پوائنٽس جي اضافي سان 100 انڊيڪس 170،889 پوائنٽس جي سطح تائين پهچي ويو. مارڪيٽ ذريعن مطابق بئنڪنگ، توانائي، سيمينٽ ۽ آئل اينڊ گئس جي شعبن ۾ نمايان خريداري ڏسڻ ۾ آئي جنهن سبب مجموعي مارڪيٽ ۾ تيزي جو رجحان غالب رهيو. مقامي سيڙپڪارن سان گڏوگڏ …

اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن تيزي ڏسڻ ۾ آئي، شروعاتي ڪاروبار دوران 900 کان وڌيڪ پوائنٽس جي اضافي سان 100 انڊيڪس 170،889 پوائنٽس جي سطح تائين پهچي ويو. مارڪيٽ ذريعن مطابق بئنڪنگ، توانائي، سيمينٽ ۽ آئل اينڊ گئس جي شعبن ۾ نمايان خريداري ڏسڻ ۾ آئي جنهن سبب مجموعي مارڪيٽ ۾ تيزي جو رجحان غالب رهيو. مقامي سيڙپڪارن سان گڏوگڏ ادارا جاتي سيڙپڪارن طرفان به ڀرپور دلچسپي جو اظهار ڪيو ويو جنهن، مارڪيٽ کي وڌيڪ سهارو فراهم ڪيو. واضح رهي ته گذريل ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس 1289 پوائنٽس جي اضافي سان 169،864 پوائنٽس جي سطح تي بند ٿيو هو.

مزید خبریں