اسلام آباد -15 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان جي مشهور اسٽنٽ مين سلطان گولڊن کي تيز ترين ريورس ڪار جمپ جو عالمي رڪارڊ بڻائڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. سينيٽ چيئرمين پنهنجي پيغام ۾ چيو ته سلطان گولڊن جي اها غير معمولي ڪاميابي نه رڳو سندس ذاتي محنت، پيشيواراڻي مهارت ۽ جرئت مندي جو چٽو ثبوت آهي پر ان سان عالمي سطح تي پاڪستان جو …
سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي پاڪستان جي مشهور اسٽنٽ مين سلطان گولڊن کي عالمي رڪارڊ قائم ڪرڻ تي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد -15 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان جي مشهور اسٽنٽ مين سلطان گولڊن کي تيز ترين ريورس ڪار جمپ جو عالمي رڪارڊ بڻائڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. سينيٽ چيئرمين پنهنجي پيغام ۾ چيو ته سلطان گولڊن جي اها غير معمولي ڪاميابي نه رڳو سندس ذاتي محنت، پيشيواراڻي مهارت ۽ جرئت مندي جو چٽو ثبوت آهي پر ان سان عالمي سطح تي پاڪستان جو نالو به روشن ٿيو آهي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪستاني نوجوان مختلف شعبن ۾ عالمي خطح تي پنهنجون صلاحيتون مڃرايون آهن. جيڪي پوري قوم لاءِ فخر جو سبب آهن. هن ان عزم جو اظهار به ڪيو ته اهڙيون ڪاميابيون ملڪ جي نوجوانن لاءِ حوصلا ا ڏيندڙ ثابت ٿينديون ۽ کين هاڪاري سرگرمين طرف راغب ڪنديون. هن سلطان گولڊن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته هو آئينده به اهڙي عزم ۽ حوصلي سان وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪندو ۽ پاڪستان جو دنيا ۾ نالو وڌيڪ روشن ڪندو.











