پاڻي جي منصفاڻي ۽ منظم استعمال کانسواءِ علائقائي استحڪام، پائيدار ترقي ۽ انساني سلامتي ممڪن ناهي: ڊاڪٽر مصدق ملڪ

رياض-15 ڊسمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته پاڻي جي منصفاڻي ۽ منظم استعمال کانسواءِ علائقائي استحڪام، پائيدار ترقي ۽ انساني سلامتي ممڪن ناهي، دنيا کي بحث، امن، هم آهنگي ۽ گڏيل احترام جي اصولن لاءِ نئين سر عزم ڪرڻو پوندو. موسمياتي تبديلي واري وزارت جي ترجمان مطابق اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ منعقد …

رياض-15 ڊسمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته پاڻي جي منصفاڻي ۽ منظم استعمال کانسواءِ علائقائي استحڪام، پائيدار ترقي ۽ انساني سلامتي ممڪن ناهي، دنيا کي بحث، امن، هم آهنگي ۽ گڏيل احترام جي اصولن لاءِ نئين سر عزم ڪرڻو پوندو. موسمياتي تبديلي واري وزارت جي ترجمان مطابق اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ منعقد ٿيل گڏيل قومن جي اتحاد تهذيبن (يو اين اي او سي) جي 11 هين عالمي فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. هي اعليٰ سطحي فورم انسانيت لاءِ ويهڪن جي ٻن ڏهاڪن جي عنوان تحت منعقد ٿيو، جنهن ۾ گڏيل قومن جي تهذيبن وچ ۾ اتحاد جي قيام جا 20 سال مڪمل ٿيڻ جو به جشن ملهايو. فورم ۾ عالمي اڳواڻن، پاليسي سازن، تعليم جي ماهرن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر مصدق ملڪ عالمي نظام ۾ ٿيندڙ تبديلين تي روشني وجهندي چيو ته ڪجهه موقعن تي ٻه طرفي سهڪار جي جاءِ تي هڪ طرفا قدم کنيا پيا وڃن، جيڪي عالمي امن ۽ انصاف لاءِ خطرناڪ آهن. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حقن ۽ انصاف جي اصولن جو لاڳو ٿيڻ بنا ڪنهن فرق جي هجڻ گهرجي. هن واضح ڪيو ته عورتن جا حق، اقليتن جا حق، ماحولياتي حق ۽ ٻارن جا حق بنيادي ۽ نا قابل انڪار آهن. ان کي نظر ۾ رکندي هن فلسطين ڪشمير جي حالتن طرف ڌيان ڇڪائيندي سوال اٿاريو ته ڇا فلسطينين ۽ ڪشميرين جا حق به ايتري ئي اهميت رکن ٿا. هن چيو ته ڪشمير جو عوام به اقليتن ۾ شمار ٿئي ٿو ۽ انهن کي اهي ئي حق ملڻ گهرجن جيڪي دنيا جي ٻين اقليتن کي حاصل آهن. هن پاڻي جي حقن جي اهميت تي به زور ڀريندي چيو ته مٿانهن درياهي وهڪري وارن ملڪن جي اها ذميواري آهي ته هو هيٺانهين وارن وهڪرن وارن ملڪن جي حقن جو احترام ڪن. هن واضح ڪيو ته پاڻي جي منصفاڻي ۽ منظم استعمال کانسواءِ علائقائي استحڪام، پائيدار ترقي ۽ انساني سلامتي ممڪن ناهي. وفاقي وزير چيو ته گڏيل قومن جي تهذيبن وچ ۾ اتحاد جي قيام جا 20 سال مڪمل ٿيڻ ان ڳالهه جي ياد ڏياري ٿو ته دنيا کي ويهڪن، امن، هم آهنگي ۽ گڏيل احترام جي اصولن لاءِ نئين سر عزم ڪرڻو پوندو.

مزید خبریں