اسلام آباد -15 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته پاڪستان هاڻي امداد تي ڀاڙڻ بدران جٽادار معاشي ترقي ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل حصيداري لاءِ واپار ۽ سيڙپڪاري کي مرڪزي حيثيت ڏئي رهيو آهي ۽ ان حڪمت عملي تحت عالمي شراڪتدارن، خاص ڪري نار وارن ملڪن سان اقتصادي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو پيو وڃي. عالمي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو …
پاڪستان امداد تي ڀاڙڻ بدران جٽادار معاشي ترقي ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل حصيداري لاءِ واپار ۽ سيڙپڪاري کي مرڪزي حيثيت ڏئي رهيو آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير

مزید خبریں
اسلام آباد -15 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته پاڪستان هاڻي امداد تي ڀاڙڻ بدران جٽادار معاشي ترقي ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل حصيداري لاءِ واپار ۽ سيڙپڪاري کي مرڪزي حيثيت ڏئي رهيو آهي ۽ ان حڪمت عملي تحت عالمي شراڪتدارن، خاص ڪري نار وارن ملڪن سان اقتصادي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو پيو وڃي. عالمي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ ناڻي واري وفاقي وزير واضح ڪيو ته وزيراعظم پاران بيان ڪيل اهو اسٽريٽجڪ رخ پاڪستان جي معاشي اعتماد ۽ سڌارن واري اڳڀرائي جي عڪاسي آهي. هن چيو ته گذريل 18 مهينن دوران پاڪستان هڪ جامع ميڪرو اڪنامڪ استحڪام پروگرام تي ڪاربند رهيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ نمايان ۽ پئماش جوڳيون ڪاميابيون حاصل ٿيون آهن. مهانگائي، جيڪا ڪنهن وقت رڪارڊ 38 سيڪڙو تائين پهچي وئي هئي، هاڻي گهٽجي سنگل ڊجٽ سطح تي اچي وئي آهي. مالياتي محاذ تي پاڪستان پرائمري سرپلس حاصل ڪيو آهي جڏهن ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو مقرره هدفن اندر آهي. هن چيو ته مٽاسٽا واري ناڻي جي شرح ۾ استحڪام آيو آهي ۽ مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا بهتر ٿي اٽڪل 2.5 مهينن جي آمدني واپار جي برابر ٿي ويا آهن، جيڪي پرڏيهي مالياتي استحڪام جي علامت آهن. وفاقي وزير پاڪستان جي بهتر ٿيندڙ معاشي صورتحال جي ٻن وڏين عالمي ڪاميابين جو ذڪر به ڪيو. پهرين اهو هو ته هلندڙ سال ٽنهي عالمي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسين پاڪستان جي ريٽنگ ۽ آئوٽ لڪ ۾ بهتري ڪئي آهي. ٻيو اهو ته پاڪستان آءِ ايم ايف جي ايڪسٽينڊيڊ فنڊ فيسلٽي تحت ٻئي جائزي کي ڪاميابي سان مڪمل ڪيو آهي، جنهن جي منظوري هلندڙ هفتي آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ ڏني. انهن اڳڀرائين سان عالمي سطح تي پاڪستان جي معاشي پاليسين ۽ سڌاران واري رخ تي وڌندڙ اعتماد جو اظهار ٿئي ٿو. هن چيو ته ميڪرو اڪنامڪ استحڪام مربوط حڪمت عملي تحت حاصل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سخت مالياتي ۽ مالي پاليسين سان گڏوگڏ جامع ساختي سڌارا شامل آهن. ٽيڪس نظام، توانائي، سرڪاري ادارن، عوامي مالياتي نظم و نسق ۽ نجڪاري جهڙن اهم شعبن ۾ سڌارن تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي ته جيئن استحڪام کي مستحڪم ڪندي پائيدار ترقي جو بنياد رکي سگهجي. ٽيڪس سڌارن جي حوالي سان سينيٽر اورنگزيب ٻڌايوته ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح، جيڪا سڌاران واري پروگرام جي شروعات تي 8.8 سيڪڙو هئي، گذريل مالي سال ۾ وڌي 10.3 سيڪڙو ٿي وئي آهي ۽ 11 سيڪڙو تائين پهچڻ جو واضح رخ موجود آهي. هن چيو ته حڪومت جو مقصد وچولي ۽ ڊگهي عرصي ۾ مالياتي جٽاداري لاءِ مناسب سطح تائين ٽيڪس وصولين ۾ اضافو ڪرڻو آهي. ان مقصد لاءِ ريئل اسٽيٽ، زراعت، هول سيل ۽ ريٽيل جهڙن گهٽ ٽيڪس ادا ڪندڙ پر معاشي طور تي اهم شعبن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو پيو وڃي، جڏهن ته پروڊڪشن مانيٽرنگ سسٽمز ۽ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل ٽيڪنالاجي ذريعي تيڪس چوري ۽ ليڪجز گهٽ ڪيا پيا وڃن، گڏ ئي ٽيڪس انتظاميه ۾ افرادي سگهه، طريقيڪار ۽ ٽيڪنالاجي جي سطح تي سڌارا ڪيا پيا وڃن. توانائي جي شعبي ۾ ناڻي وفاقي وزير ورڇيندڙ ڪمپنين ۾ گورننس جي بهتري، نجي شعبي جي شموليت، نجڪاري واري عمل کي اڳتي وڌائڻ ۽ گردشي قرضن ۾ گهٽتائي جي ڪوششن تي روشني وڌي. هن چيو ته ٽيرف نظام ۾ موزونيت آڻڻ صنعت لاءِ توانائي کي چٽاڀيٽي وارو بنائڻ لاءِ اڻٽر آهي. جنهن سان صنعتي بحالي ۽ معاشي ترقي ممڪن ٿي سگهندي. هن سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ قطر سميت نار وارن ملڪن جي ڊگهي مدي واري مدد جي تعريف ڪندي چيو ته انهن ملڪن فنانسنگ، فنڊنگ ۽ آءِ ايم ايف جهڙن عالمي مالياتي ادارن ۾ سهڪار ذريعي پاڪستان جي اهم مدد ڪئي آهي. هن چيو ته هاڻي اهو تعلق هڪ نئين مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي جنهن جو مرڪز واپار کي هٿي وٺائڻ ۽ سيڙپڪاري جي وهڪري تي آهي. پرڏيهه مان آيل ناڻو، ڪرنٽ اڪائونٽ لاءِ نهايت اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جيڪو گذريل سال اٽڪل 38 ارب ڊالر رهيو ۽ هلندڙ سال 41 کان 42 ارب ڊالرن تائين پهچڻ جي اميد آهي. جنهن ۾ اڌ کان وڌيڪ نار وارا ملڪ اچن ٿا، آئينده جي حوالي سان وفاقي وزير چيو ته پاڪستان توانائي، تيل ۽ گئس، معدنيات ۽ کاڻون کوٽڻ، مصنوعي ذهانت، ڊجيٽل انفراسٽرڪچر، فارماسيوٽيڪل ۽ زراعت جهڙن ترجيحي شعبن م نار وارن ڀائيوارن سان سيڙپڪاري لاءِ سرگرم آهي. هن نار سهڪار ڪائونسل سان آزاد واپاري معاهدي تي اڳڀرائي جي حوالي سان به اميد جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڳالهيون آخري مرحلن ۾ آهن. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان جو مستقبل امداد تي ڀاڙڻ بجاءِ واپار ۽ سيڙپڪاري تي ٻڌل ڀائيوارن ۾ يقين رکي ٿو. هن چيو ته پيداواري شعبن م سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري سان جي ڊي پي ۾ اضافو، روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ پاڪستان ۽ ان جي ڀائيوارن لاءِ گڏيل معاشي فائدا حاصل ٿيندا. هن زور ڀريو ته حڪومت ان ويزن کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ مڪمل طور تي متحرڪ آهي.











