اسلام آباد- 02 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سوئي سدرن گئس ڪمپني لميٽيڊ (ايس ايس جي سي ايل) جي گئس جي وڌندڙ غير حساب نقصانن (يو ايف جي) جي مسئلي تي اعليٰ سطحي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. جمعي جي ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب، ڪميٽي کي ايس ايس جي سي ايل جي نيٽ ورڪ کي …
اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي ڪميٽي جو اجلاس، ايس ايس جي سي ايل جي گئس جي وڌندڙ غير حساب نقصانن جي مسئلي جو جائزو ورتو

مزید خبریں
اسلام آباد- 02 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سوئي سدرن گئس ڪمپني لميٽيڊ (ايس ايس جي سي ايل) جي گئس جي وڌندڙ غير حساب نقصانن (يو ايف جي) جي مسئلي تي اعليٰ سطحي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. جمعي جي ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب، ڪميٽي کي ايس ايس جي سي ايل جي نيٽ ورڪ کي درپيش اهم آپريشنل چئلينجن، مالي اثرن ۽ وڌندڙ ٽرانسميشن نقصانن بابت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ غير قانوني ڪنيڪشن کي روڪڻ، پائپ لائن جي بنيادي ڍانچي جي بهتري، آمدني جي وصولي ۾ اضافي ۽ جائز صارفين جي لاءِ گئس جي فراهمي مستحڪم بڻائڻ لاءِ اسٽريٽجڪ قدمن جو جائزو ورتو ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير بلوچستان ۾ توانائي جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ ايس ايس جي سي ايل جي آپريشنل ۽ مالياتي استحڪام کي بحال ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته يو ايف جي نقصانن ۾ گهٽتائي، سخت ضابطا لاڳو ڪرڻ، عوامي وسيلن جي تحفظ ۽ عوامي سهولت کي يقيني بڻائڻ لاءِ هدف ۽ مقرر وقت تي ٻڌل حڪمت عملي جوڙي وڃي. اجلاس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي، پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، پبلڪ افيئرز يونٽ واري وفاقي وزير راڻا مبشر اقبال، وزيراعظم جي خاص مددگار طارق باجوه، گهرو سيڪريٽري، سيڪريٽري پيٽروليم، چيف سيڪريٽري بلوچستان، ۽ توانائي ۽ پرڏيهي معاملن واري وزارت جي اعليٰ عملدار شرڪت ڪئي.










