اسلام آباد -15 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت ۾ علامه محمد اقبال جي 150 هين سالگره ملهائڻ جي حوالي سان قائم ڪيل نيشنل ڪميٽي جو اهم اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ علامه اقبال سان گڏوگڏ قائداعظم محمد علي جناح جي سال 2026ع ۾ …
وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت ۾ علامه محمد اقبال جي 150 هين سالگره ملهائڻ جي حوالي سان قائم نيشنل ڪميٽي جو اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد -15 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت ۾ علامه محمد اقبال جي 150 هين سالگره ملهائڻ جي حوالي سان قائم ڪيل نيشنل ڪميٽي جو اهم اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ علامه اقبال سان گڏوگڏ قائداعظم محمد علي جناح جي سال 2026ع ۾ 150 هين سالگره بابت قومي سطح جون تقريبون منعقد ڪرڻ تي به تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته سال 2026ع کي قائداعظم محمد علي جناح جو سال قرار ڏنو ويندو ۽ قائداعظم محمد علي جناح جي 150 هين سالگره کي قومي سطح تي شاندار طريقي سان ملهايو ويندو. هن ٻڌايو ته تقريبن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ هڪ ذيلي ڪميٽي پڻ قائم ڪئي پئي وڃي جيڪا پنجن ڏينهن اندر پنهنجون سفارشون پيش ڪندي. هن هدايت ڪئي ته تقريبن کي بامقصد ۽ اثرائتو بڻائڻ لاءِ مربوط حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي ته جيئن ان جو اثر صرف رسمي نه رهي پر فڪري ۽ تربيتي رخ به اختيار ڪري. هن چيو ته قائداعظم جو ويزن ئي پاڪستان جي مڪمل رهنمائي ڪري ٿو ۽ سندس اصول اتحاد، ايمان ۽ تنظيم کي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪيو ويندو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته قائداعظم جي زندگي ۽ پاڪستان جي قيام لاءِ سندس ڪردار کي نمايان ڪرڻ لاءِ معياري ڊرامه سيريز به تيار ڪئي ويندي. هن چيو ته قائداعظم جو فڪر اڄ جي پاڪستان لاءِ مشعل راهه آهي ۽ حڪومت جو پروگرام اڏام پاڪستان به قائداعظم جي ويزن تي ٻڌل آهي. اجلاس ۾ شريڪ ميمبرن قائداعظم محمد علي جناح ۽ علامه اقبال جي فڪر ۽ فلسفي کي قومي تعمير ۽ ترقي سان ڳنڍڻ ۽ عوام، خاص ڪري نوجوانن ۾ فڪري سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪيون.











