اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بجلي پهچائيندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) ۽ پيداواري ڪمپنين (جينڪوز) جي نجڪاري جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته بجلي جي نظام جي نجڪاري جي ذريعي ملڪ ۾ چٽاڀيٽي تي ٻڌل بجلي جي مارڪيٽ جي جوڙجڪ ئي ملڪ ۾ توانائي جي مسئلن جو پائيدار حل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم …
وزيراعظم پاران بجلي پهچائيندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) ۽ پيداواري ڪمپنين (جينڪوز) جي نجڪاري جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بجلي پهچائيندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) ۽ پيداواري ڪمپنين (جينڪوز) جي نجڪاري جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته بجلي جي نظام جي نجڪاري جي ذريعي ملڪ ۾ چٽاڀيٽي تي ٻڌل بجلي جي مارڪيٽ جي جوڙجڪ ئي ملڪ ۾ توانائي جي مسئلن جو پائيدار حل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ بجلي جي شعبي ۾ سڌارن جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد اورنگزيب، احد خان چيما، سردار اويس احمد خان لغاري، نجڪاري واري صلاحڪار محمد علي، ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم بجلي پهچائيندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) ۽ پيداواري ڪمپنين (جينڪوز) جي نجڪاري جي عمل کي تيز ڪرڻ ۽ بجلي جي پهچ جي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ لاڳاپيل ترقياتي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته بجلي جي نظام جي نجڪاري جي ذريعي ملڪ ۾ چٽاڀيٽي تي ٻڌل بجلي جي مارڪيٽ جي جوڙجڪ ئي ملڪ ۾ توانائي جي مسئلن جو پائيدار حل آهي. وزيراعظم چيو ته بجلي جي نظام کي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ بيٽري انرجي اسٽوريج سسٽم تي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۽ نجي شعبي جي شموليت سان ڪم شروع ڪيو وڃي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي بجلي جي پيداوار، پهچ، ڊسڪوز ۽ جينڪوز جي نجڪاري ۽ پاور سيڪٽر ۾ ٻين سڌارن جي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ٽن پهچائيندڙ ڪمپنين اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (آئيسڪو)، فيصل آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (فيسڪو) ۽ گوجرانوالا اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (گيپڪو) جي نجڪاري جي حوالي سان قدم جاري آهن ۽ ان حوالي سان ايڪسپريشن آف انٽريسٽ جلد شايع ٿيندا، بجلي جي پهچ جي نظام جي بهتري جي لاءِ 500 ڪي وي جي غازي بروٿا – فيصل آباد ٽرانسميشن لائين جي پي سي ون منظوري جي مرحلن ۾ آهي، درآمدي ڪوئلي تي هلندڙ پلانٽس کي ٿر ڪول تي منتقل ڪرڻ جي لاءِ ٽيڪنيڪل فزيبلٽي مڪمل ٿي چڪي آهي، ٿر ڪول جي پلانٽس تائين منتقلي جي لاءِ ريلوي لائين تي ڪم جاري آهي. اجلاس ۾ چٽاڀيٽي تي ٻڌل بجلي جي مارڪيٽ جي آپريشنلائيزيشن، مسلسل ڪوششن جي نتيجي ۾ گذريل سال جي مقابلي ۾ لائين لاسز ۾ گهٽتائي ۽ بيٽري انرجي اسٽوريج سسٽم جي منصوبي جي ڪنسيپٽ ڪليئرنس پروپوزل جي منظوري ٿي چڪي آهي ۽ فزيبلٽي اسٽڊي جاري آهي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي.











