پاڪستان پاران ڪادوگلي سوڊان ۾ گڏيل قومن جي امن دستن تي ٿيندڙ بي رحماڻي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت

اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڪادوگلي سوڊان ۾ گڏيل قومن جي امن دستن تي ٿيندڙ بي رحماڻي حملي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ گڏيل قومن جي ابيي بابت عبوري فورس (يو اين آءِ ايس ايف اي) تحت خدمتون سرانجام ڏيندڙ بنگلاديش جا 6 امن اهلڪار جا شهيد جڏهن ته ڪيترائي ٻيا زخمي ٿيا. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب …

اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڪادوگلي سوڊان ۾ گڏيل قومن جي امن دستن تي ٿيندڙ بي رحماڻي حملي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ گڏيل قومن جي ابيي بابت عبوري فورس (يو اين آءِ ايس ايف اي) تحت خدمتون سرانجام ڏيندڙ بنگلاديش جا 6 امن اهلڪار جا شهيد جڏهن ته ڪيترائي ٻيا زخمي ٿيا. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب پاڪستان ان افسوسناڪ واقعي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي بنگلاديش حڪومت ۽ بنگلاديش جي عوام سان دلي تعزيت ۽ هن ڏکئي وقت ۾ سوڳوار خاندانن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل قومن جا امن دستا تڪرارن جي روڪٿام، شهرين جي تحفظ ۽ گڏيل قومن جي جهنڊيءَ هيٺ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ عالمي ڪوششن ۾ پهرين صف ۾ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، اسان انهن بليو هيلمٽ پائيندڙ امن اهلڪارن جي عظيم قرباني کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا جن خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پنهنجون جانيون نڇاور ڪيون. پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته پاڪستان ان بزدلاڻي حملي جي فوري ۽ شفاف جاچ جو مطالبو ڪري ٿو ته جيئن ذميوارن جي نشاندهي ڪري انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سگهجي. بيان ۾ ان ڳالهه جو پڻ ورجاءُ ڪيو ويو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن ۽ عالمي برادري سان گڏجي گڏيل قومن جي سمورن امن دستن جي حفاظت ۽ سلامتي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو تعاون جاري رکندو.

مزید خبریں