اسلام آباد-14 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري آسٽريليا جي شهر سڊني ۾ بونڊي بيچ (سمنڊ ڪناري) تي پيش آيل فائرنگ جي افسوسناڪ واقعي تي فوت ٿي ويلن جي پونئيرن سان دلي همدردي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق صدر آصف علي زرداري سڊني ۾ سمنڊ ڪناري تي فائرنگ سبب فوت ٿي ويلن …
صدر آصف علي زرداري جو سڊني ۾ سمنڊ ڪناري فائرنگ جي واقعي تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد-14 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري آسٽريليا جي شهر سڊني ۾ بونڊي بيچ (سمنڊ ڪناري) تي پيش آيل فائرنگ جي افسوسناڪ واقعي تي فوت ٿي ويلن جي پونئيرن سان دلي همدردي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق صدر آصف علي زرداري سڊني ۾ سمنڊ ڪناري تي فائرنگ سبب فوت ٿي ويلن جي پونئيرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي زخمين ۽ واقعي تي ڪارراوئي دوران زخمي ٿيل پوليس اهلڪارن جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جيڪو پاڻ دهشتگردي سبب متاثر ٿي رهيو آهي، اهڙن حملن سان معاشرن کي پهچندڙ ڏک ۽ صدمي کان واقف آهي. هن معصوم شهرين خلاف تشدد جي سخت لفظم ۾ مذمت ڪئي ۽ هن ڏکئي وقت ۾ آسٽريليا جي حڪومت ۽ عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي دهشتگردي خلاف پاڪستان جي اصولي موقف کي ورجايو.











