وفاقي وزير محسن نقوي جي پنهنجي عراقي هم منصب سان ملاقات، پاڪ- عراق گڏيل لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ

برسلز-12 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري وفاقي وزير محسن نقوي جي برسلز ۾ عراق جي گهرو وزير جنرل عبدالامير الشمري سان اهم ملاقات ڪئي. جنهن ۾ پاڪ- عراق ٻه طرفن لاڳاپن ۽ زيارتين جي سهولت لاءِ قدمن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي گهرو وزارتن وچ ۾ تعاون کي پائيدار ۽ مؤثر بنيادن تي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. …

برسلز-12 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري وفاقي وزير محسن نقوي جي برسلز ۾ عراق جي گهرو وزير جنرل عبدالامير الشمري سان اهم ملاقات ڪئي. جنهن ۾ پاڪ- عراق ٻه طرفن لاڳاپن ۽ زيارتين جي سهولت لاءِ قدمن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي گهرو وزارتن وچ ۾ تعاون کي پائيدار ۽ مؤثر بنيادن تي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. عراقي گهرو وزير پاڪستان طرفان زيارتين جي گروپس کي باقائدي منظم ۽ ريگيوليٽ ڪرڻ جي قدمن کي ڀرپور ساراهيو. عراقي گهرو وزير پاڪستاني هم منصب محسن نقوي سان ڳالهائيندي چيو ته اوهان جي دؤر ۾ پهريون ڀيرو زيارتي گروپس کي منظم ڪرڻ لاءِ مؤثر قدم کنيا ويا آهن جيڪي ساراهه جوڳا آهن. عراقي گهرو وزير خاطري ڪرائي ته پاڪستاني گهرو وزارت طرفان فراهم ڪيل فهرست ۾ شامل سمورن زيارتين کي عراق اچڻ جي اجازت هوندي. گهرو وزير محسن نقوي واضح ڪيو ته عراق ويندڙ زيارتين کي مقرر وقت کان وڌيڪ قيام جي هرگز اجازت نه هوندي ۽ ان حوالي سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپيل ادارا رابطي ۾ رهندا. گهرو وزير عراقي حڪومت ۽ عوام جو زائرين لاءِ ڀرپور تعاون ۽ روايتي ميزبانيءَ تي ٿورو مڃيندي چيو ته پاڪستان زيارتين جي سلامتي، عزت ۽ سهولت پاڪستان حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. عراقي گهرو وزير ان موقعي تي ٻُڌايو ته هو تمام جلد پاڪستان جو دؤرو ڪندو ته جيئن زيارتين جي سهولت، سيڪيورٽي، تعاون ۽ ٻه طرفن رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ آئينده جو گڏيل لائحه عمل طئي ڪري سگهجي. ٻنهي گهرو وزيرن سيڪيورٽي تعاون، دهشتگرديءَ جي خاتمي ۽ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ ڄاڻ جي مٽاسٽا ۽ گڏيل مڪينزم کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي به اتفاق ڪيو.

مزید خبریں