اسلام آباد-12 ڊسمبر (اي پي پي)پاڪستان ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ وچ ۾ 257 ملين ڊالرن جي ماليت جي معاهدن تي صحيحيون ٿي ويون، اقتصادي معاملن واري ڊويزن طرفان جاري پڌرائي موجب ڌرين ريسپانسيو، ريڊي اينڊ ريزيلينٽ سائنس، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ، ميٿميٽڪس سيڪنڊري ايجوڪيشن پروگرام پنجاب، جنهن جي ماليت 107 ملين ڊالر آهي (جنهن ۾ 7 ملين ڊالرز اي ڊي ايف گرانٽ شامل آهي) ۽ پنجاب نرسنگ ۽ هيلٿ ورڪس فورس ريفارم …
پاڪستان ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ وچ ۾ 257 ملين ڊالرن جي معاهدن تي صحيحيون

مزید خبریں
اسلام آباد-12 ڊسمبر (اي پي پي)پاڪستان ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ وچ ۾ 257 ملين ڊالرن جي ماليت جي معاهدن تي صحيحيون ٿي ويون، اقتصادي معاملن واري ڊويزن طرفان جاري پڌرائي موجب ڌرين ريسپانسيو، ريڊي اينڊ ريزيلينٽ سائنس، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ، ميٿميٽڪس سيڪنڊري ايجوڪيشن پروگرام پنجاب، جنهن جي ماليت 107 ملين ڊالر آهي (جنهن ۾ 7 ملين ڊالرز اي ڊي ايف گرانٽ شامل آهي) ۽ پنجاب نرسنگ ۽ هيلٿ ورڪس فورس ريفارم پروگرام، جنهن جي ماليت 150 ملين ڊالرز آهي، جي معاهدن تي صحيحيون ڪيون. اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي سيڪريٽري محمد حمير ڪريم ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي قابل اعتماد ترقياتي حصيدار طور ڪردار ۽ پاڪستان جي ترقياتي قدمن جي مدد تي ٿورو مڃيو. هن ان اهم پروگرامز لاءِ رعايتي شرطن تي اي ڊي بي جي مالي مدد کي ساراهيو جيڪا پنجاب ۾ ڊگهي مدي واري ۽ پائيدار سماجي ترقي، تعليمي ضرورتن ۽ صحت جي سهولتن جي بهتري ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. سيڪريٽري پنجاب حڪومت جي ڪوششن کي به ساراهيو ۽ فنڊن جي وقت سر ۽ موثر استعمال تي زور ڀريو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اسٽيم سيڪنڊري ايجوڪيشن پروگرام 2026ع کان 2030ع تائين سڄي صوبي ۾ تعليمي ماحول ۾ تبديلي ۽ يونيورسٽين کي يقيني بڻائڻ لاءِ نهايت اهم آهي. اهڙي طرح پنجاب نرسنگ پروگرام جو مقصد صوبي ۾ مستند نرسز جي انگ ۾ اضافو ۽ صحت جي خدمتن جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ آهي. هن پروگرام تحت لاهور، ملتان ۽ راولپنڊي ۾ 3 سينٽرز آف ايڪسيلينس به قائم ڪيا ويندا. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايمافين انهن پروگرامن لاءِ پاڪستان حڪومت جي مضبوط کي ساراهيو. هن چيو ته تعليم ۽ صحت جي اهم شعبن ۾ اهي ٻئي پروگرام انساني ترقي لاءِ اهميت وارا آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ٻئي پروگرام نتيجن تي ٻڌل آهن ۽ ان سان انهن شعبن جي مجموعي نظام ۾ بهتري ايندي.











