اسلام آباد-12 ڊسمبر (اي پي پي)قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته ملڪي سطح تي زيتون جي پيداوار سان اربين روپين جي آمدني واپار جو خرچ بچائي سگهجي ٿو. ستين نيشنل اوليو گالا ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي موسم اعليٰ معيار جي زيتون جي پوکي لاءِ نهايت موزون آهي ۽ خوشي جي ڳالهه اها آهي ته …
ملڪي سطح تي زيتون جي پيداوار سان اربين روپين جي آمدني واپار جو خرچ بچائي سگهجي ٿو: وفاقي وزير راڻا تنوير حسين

مزید خبریں
اسلام آباد-12 ڊسمبر (اي پي پي)قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته ملڪي سطح تي زيتون جي پيداوار سان اربين روپين جي آمدني واپار جو خرچ بچائي سگهجي ٿو. ستين نيشنل اوليو گالا ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي موسم اعليٰ معيار جي زيتون جي پوکي لاءِ نهايت موزون آهي ۽ خوشي جي ڳالهه اها آهي ته زيتون هاڻي هڪ تجرباتي سرگرمي نه رهي پر هڪ تيزي سان اڀرندڙ صنعت جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي. راڻا تنوير حسين چيو ته زيتون جي شعبي سان سڄي ملڪ جي هزارين آبادگارن کي نه رڳو منافعو ملندو پر هي گذر سفر جو ذريعو موسمياتي تبديلي جي مقابلي ۾ به وڌيڪ محفوظ آهي. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان خطي ۾ زيتون جي پوکي، پروسيسنگ ۽ ويلو ايڊيشن جو اهم مرڪز بڻجڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ زيتون جي پيداوار کي هٿي وٺرائڻ سان کاڄرو تيل جي آمدني واپار ۾ نمايان گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. جڏهن ته ٻهراڙي جي معيشت ۾ خاطر خواهه واڌ ممڪن آهي، هن چيو ته پاڪستان جا هاري اسان جي ڪرنگهي جي هڏي آهن کين هر ممڪن تعاون فراهم ڪنداسين. حڪومت معياري ٻوٽن جي فراهمي، جديد تحقيق ۽ آئل ايڪسٽريڪشن سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. راڻا تنوير حسين چيو ته زيتون پاڪستان جو هڪ اسٽريٽجڪ فصل بڻجي چڪو آهي، جيڪو پاڻي گهٽتائي وارن علائقن لاءِ موزون آهي ۽ موسمياتي تبديلي جي چئلينجن جو بهترين حل پيش ڪري ٿو. هن وڌيڪ چيو ته زيتون جي پوکي نه رڳو ٻهراڙي جي معيشت کي هٿي ڏئي رهي آهي پر نوجوانن ۽ عورتن لاءِ به ويليو چين ۾ بي شمار ڪاروباري موقعا پيدا ڪري رهي آهي. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ملڪ ۾ تيار ٿيندڙ زيتون جو تيل هڪ صحتمند، معياري ۽ مقامي طور تي دستياب بهترين متبادل آهي. هن چيو ته ان شعبي کي هٿي وٺرائڻ جي نتيجي ۾ ملڪي سطح تي زيتون سان اربين روپين جي آمدني واپار جو خرچ بچائي سگهجي ٿو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جو اوليو حب بڻجڻ جو سفر تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ حڪومت هن سفر کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻيندي.











