اسلام آباد - 12 ڊسمبر (اي پي پي)واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان يمن جي سفير محمد مطھر الاشعبي گذريل ڏينھن ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ يمن وچ ۾ ٻه طرفو واپار ۽ اقتصادي سھڪار مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظھار ڪيو. ملاقات ۾ يمن جي سفير ٻنھي ملڪن جي ڀائراڻن لاڳاپن ۽ واپاري رابطن کي وڌائڻ جي خواھش جو اظھار ڪيو. يمن جي سفير …
وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان يمن جي سفير جي ملاقات، ٻه طرفو واپار ۽ اقتصادي سھڪار مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظھار

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 ڊسمبر (اي پي پي)واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان يمن جي سفير محمد مطھر الاشعبي گذريل ڏينھن ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ يمن وچ ۾ ٻه طرفو واپار ۽ اقتصادي سھڪار مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظھار ڪيو. ملاقات ۾ يمن جي سفير ٻنھي ملڪن جي ڀائراڻن لاڳاپن ۽ واپاري رابطن کي وڌائڻ جي خواھش جو اظھار ڪيو. يمن جي سفير چيو ته اٽڪل 300 يمني شاگرد ھن وقت پاڪستان ۾ تعليم حاصل ڪري رھيا آھن جيڪي ٻنھي برادر ملڪن وچ ۾ مضبوط عوامي رابطن جو واضح مثال آھي. ھن يمن طرفان ٻه طرفا معاھدن کي فعال ڪرڻ ۽ ادارن جي سطح تي سھڪار وڌائڻ تي زور ڀريو. ملاقات ۾ ڄام ڪمال خان خطي جي ويجھن ملڪن سان واپار وڌائڻ جي حڪومتي عزم کي اجاگر ڪيو. ھن چيو ته ننڍن جھازن ۽ فيري تي ٻڌل گھٽ قيمت وارين شپنگ سروسز جي شروعات تي غور جاري آهي، جنھن سان علائقائي واپار جي خرچ ۾ گھٽتائي ٿيندي. واپار واري وزير چيو ته پاڪستان جا ايس ايم ايز يمن، صوماليه، ايٿوپيا ۽ عمان جھڙن ملڪن جي مارڪيٽ مان فائدو حاصل ڪري سگھن ٿا. ٻنھي ملڪن ادارن جي سطح تي سھڪار کي ھٿي ڏيڻ ۽ رابطا وڌائڻ تي مڪمل اتفاق به ڪيو.











