خيبرپختونخوا جي گورنر سان باڪسنگ ورلڊڪپ جي فاتح حميدالله جي ملاقات

پشاور-12 ڊسمبر (اي پي پي) خيبرخپتونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان آذربائيجان ۾ منعقد ڪڪ باڪسنگ ورلڊڪپ جي فاتح حميدالله گورنر هائوس پشاور ۾ ملاقات ڪئي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان مطابق رانديگر جو والد وسيع الله به ساڻس گڏ هو. گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي حميدالله جي عالمي سطح تي شاندار ڪاميابي کي ساراهيندي چيو ته اهڙا نوجوان رانديگر صوبي ۽ ملڪ جو روشن چهرو دنيا آڏو آڻين ٿا. …

پشاور-12 ڊسمبر (اي پي پي) خيبرخپتونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان آذربائيجان ۾ منعقد ڪڪ باڪسنگ ورلڊڪپ جي فاتح حميدالله گورنر هائوس پشاور ۾ ملاقات ڪئي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان مطابق رانديگر جو والد وسيع الله به ساڻس گڏ هو. گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي حميدالله جي عالمي سطح تي شاندار ڪاميابي کي ساراهيندي چيو ته اهڙا نوجوان رانديگر صوبي ۽ ملڪ جو روشن چهرو دنيا آڏو آڻين ٿا. ملاقات ۾ راندين کي هٿي ڏيڻ، نوجوانن جي بااختياري ۽ صوبي جي ٽيلنٽ کي عالمي سطح تائين کڻي وڃڻ جي قدمن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. گورنر چيو ته رانديگر ملڪ جا حقيقي سفير هوندا آهن، جيڪي پنهنجي محنت ۽ ڪارڪردگي سان پاڪستان جي سڃاڻپ کي مضبوط ڪن ٿا. هن چيو ته صوبي جي نوجوان هيروز هميشه ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي ۽ حڪومت نوجوان رانديگرن جي مڪمل سرپرستي جاري رکندي. حميدالله راندين کي هٿي ڏيڻ ۽ رانديگرن کي همٿائڻ تي گورنر جو ٿورو مڃيو. هن چيو ته خيبرپختونخوا جي پهرين گورنر اسپورٽس ايوارڊ شو منعقد ڪري صوبي جي رانديگرن ۽ نوجوانن جون دليون کٽيون آهن.

مزید خبریں