ڪراچي جي علائقي لانڍي ۾ ڪپڙي جي ڪارخاني ۾ اوچتو باهه لڳڻ سبب عمارت ڊهي پئي، وڏي وزير پاران رپورٽ طلب

ڪراچي- 04 ڊسمبر (اي پي پي) ڪراچي جي لانڍي واري علائقي ۾ ڪپڙي جي ڪارخاني ۾ اوچتو باهه لڳڻ سبب عمارت ڪري پئي، جڏهن ته باهه وسائڻ دوران ٻه فائر فائٽر زخمي ٿي پيا جن کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي، ڪو به جاني نقصان ٿيڻ جا اطلاع ناهن مليا. تفصيل مطابق 1122 جي ترجمان ٻڌايو ته سي اي او جي هدايتن تي لانڍي هائيڊرينٽ تي ايمرجنسي لاڳو ڪئي …

ڪراچي- 04 ڊسمبر (اي پي پي) ڪراچي جي لانڍي واري علائقي ۾ ڪپڙي جي ڪارخاني ۾ اوچتو باهه لڳڻ سبب عمارت ڪري پئي، جڏهن ته باهه وسائڻ دوران ٻه فائر فائٽر زخمي ٿي پيا جن کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي، ڪو به جاني نقصان ٿيڻ جا اطلاع ناهن مليا. تفصيل مطابق 1122 جي ترجمان ٻڌايو ته سي اي او جي هدايتن تي لانڍي هائيڊرينٽ تي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ شيرپائو هائيڊرينٽ تي ٽينڪرز کي به تيار رهڻ لاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي. ترجمان چيو ته واٽر ڪارپوريشن پاران فوري طور تي پاڻي جا ٽينڪرز واقعي واري هنڌ موڪليا ويا آهن ۽ هائيڊرينٽ انچارج فائر برگيڊ ۽ ريسڪيو عملدارن سان مسلسل رابطي ۾ آهن. ترجمان چيو ته باهه 3 منزلن واري ڪارخاني کي پنهنجي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو آهي، باهه جي شدت تيزي سان وڌي وئي، جنهن جي ڪري پهريان فيڪٽري جي مختلف حصن جون ڀتيون ٽٽڻ لڳيون ۽ بعد ۾ پورو ڪارخانو ڊهي پيو. ترجمان جو چوڻ آهي ته 12 کان وڌيڪ فائر برگيڊ گاڏيون ۽ اسنارڪل باهه وسائڻ ۾ مصروف آهن ۽ وڌيڪ فائر ٽيمن کي به طلب ڪيو ويو آهي. علائقي جي پوليس موجب واقعي جي جاچ جاري آهي، جڏهن ته باهه لڳڻ جو سبب اڃا تائين معلوم ناهي ٿي سگهيو. جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون گارمينٽ فيڪٽري ۾ باهه جو نوٽيس وٺندي هدايتون جاري ڪيون آهن ته باهه تي جلد کان جلد ضابطو آڻڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي ۽ باهه کي ڀرپاسي جي ڪارخانن تائين پکڙجڻ کان روڪيو وڃي. وڏي وزير واقعي جي مڪمل جاچ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو آهي.

مزید خبریں