شيراز/ايران -03 ڊسمبر (اي پي پي) ايران جي تاريخي شهر شيراز ۾ منعقد ٿيندڙ 43هين فجر فلم فيسٽيول ۾ ثقافت بابت وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي مشهور پاڪستاني فلم سازن سان گڏ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. اسلام آباد مان جاري پريس پڌرائي موجب ميلي ۾ شرڪت لاءِ اورنگزيب خان کچي کي مهمان خاص طور دعوت ڏني وئي آهي. پنهنجي اهم خطاب ۾ وفاقي وزير ٻنهي ملڪن طرفان فلمن جي گڏيل …
ايران جي فجر فلم فيسٽيول ۾ پاڪستان جي شرڪت، وفاقي وزير اورنگزيب کچي پاڪستان جي نمائندگي ڪندو
شيراز/ايران -03 ڊسمبر (اي پي پي) ايران جي تاريخي شهر شيراز ۾ منعقد ٿيندڙ 43هين فجر فلم فيسٽيول ۾ ثقافت بابت وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي مشهور پاڪستاني فلم سازن سان گڏ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. اسلام آباد مان جاري پريس پڌرائي موجب ميلي ۾ شرڪت لاءِ اورنگزيب خان کچي کي مهمان خاص طور دعوت ڏني وئي آهي. پنهنجي اهم خطاب ۾ وفاقي وزير ٻنهي ملڪن طرفان فلمن جي گڏيل پروڊڪشن تي زور ڀريو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران ويجها پاڙيسري ملڪ آهن ۽ ويجها سماجي، ثقافتي، مذهبي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا کن ٿا. هن چيو ته پاڪستاني سينيما گهرن ۾ ايراني فلمن جي نمائش ۽ ايراني سينيمائن ۾ پاڪستاني فلمن جي نمائش اسان جي ماڻهن کي هڪٻئي جي ويجهو آڻڻ ۾ مدد ڏيندي. هي پهريون موقعو آهي ته فيسٽيول ۾ 3 پاڪستاني فلمن جي نمائش ڪئي وئي. هن فيسٽيول جو دورو ڪيو ۽ پاڪستاني پويلين ۾ ايراني سينيما فائونڊيشن جي چئيرمين سان ملاقات به ڪئي. هن کيس پاڪستان اچڻ ۽ سينيما انڊسٽري جي اسٽيڪ هولڊرز سان ملڻ جي دعوت به ڏني. هن پنهنجي حڪومت جي پاڪستان ۾ سينيما انڊسٽري کي هٿي وٺائڻ جي عزم جو ورجاءُ به ڪيو.











