تعليم، صحت ۽ روزگار جي موقعن تائين رسائي هر معذور جو بنيادي ۽ آئيني حق آهي: سينيٽر روبينه خالد

اسلام آباد-03 (اي پي پي ) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئر پرسن ۽ سينيٽر روبينا خالد معذور ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته معذور ماڻهو اسان جي معاشري جو قابل احترام ۽ نهايت اهم حصو آهن.  تعليم،صحت ۽ روزگار جي موقعن تائين رسائي هر معزور فرد جو بنيادي ۽ آئيني حق آهي، بي آءِ ايس پي معذورماڻهن جي فلاح ، مدد ۽ …

اسلام آباد-03 (اي پي پي ) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئر پرسن ۽ سينيٽر روبينا خالد معذور ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته معذور ماڻهو اسان جي معاشري جو قابل احترام ۽ نهايت اهم حصو آهن.  تعليم،صحت ۽ روزگار جي موقعن تائين رسائي هر معزور فرد جو بنيادي ۽ آئيني حق آهي، بي آءِ ايس پي معذورماڻهن جي فلاح ، مدد ۽ معاشي شموليت لاءِ عملي قدم کڻي رهيو آهي، انهن کي ترجيحي بنيادن تي پروگرامن ۾ شامل ڪيو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته معذور ماڻهن جي شموليت بهتر بڻائڻ لاءِ بي آءِ ايس پي ايم ٽي اسڪور جي حد کي 32 مان وڌائي 37 ڪيو ويو ته جيئن وڌ کان وڌ مستحق ماڻهو پروگرام مان فائدو حاصل ڪري سگهن . هن چيو ته هن وقت هڪ لک 8 هزار کان به وڌيڪ معذور عورتون بينظير انڪم سپورٽ  پروگرام تحت مالي مدد حاصل ڪري رهيون آهن جيڪا انهن کي با اختيار بڻائڻ ۽ انهن جي معاشي استحڪام طرف اهمقدم آهي. روبينه خالد چيو ته اسان ان عزم جو اظهار ڪيون ٿا ته بي آءِ ايس پي مستقبل ۾ به پاڪستان جي سمورن معذور شهرين جي بهتري ، مدد ۽ فلاح لاءِ پنهنجا قدم جاري رکندو.