اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مقامي مصنوعات جي پيداواري لاڳت کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت پاران منظور ڪيل قومي ٽيرف پاليسي هڪ انقلابي قدم آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پنهنجي صدارت ۾ ڪسٽمز ڊيوٽي ۽ واپاري شعبي ۾ ٻين سڌارن تي قائم ڪيل ذيلي ورڪنگ گروپ جي سفارشن تي جائزه …
حڪومت پاران منظور ڪيل قومي ٽيرف پاليسي هڪ انقلابي قدم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مقامي مصنوعات جي پيداواري لاڳت کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت پاران منظور ڪيل قومي ٽيرف پاليسي هڪ انقلابي قدم آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پنهنجي صدارت ۾ ڪسٽمز ڊيوٽي ۽ واپاري شعبي ۾ ٻين سڌارن تي قائم ڪيل ذيلي ورڪنگ گروپ جي سفارشن تي جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ملڪي صنعتي پيداوار ۽ واپار ۾ اضافي جي لاءِ شعباجاتي مخصوص تجويزن ۽ مسئلن جي نشاندهي لازمي آهي. هن چيو ته ڏهاڪن کان معاشي ۽ صنعتي پيداواري صلاحيتن کي وڌائڻ جي لاءِ ايڪسپورٽ ڊيولپمينٽ فنڊ کي ريسرچ ۽ ٽريننگ تي استعمال نه ڪيو ويو، ملڪي آمدني ۽ روانگي واپار جي شعبي ۾ ماهرن پاران سفارشون ۽ سڌاراجاتي تجويزون حقيقت تي ٻڌل انگن اکرن موجب هجڻ گهرجن. هن چيو ته مقامي صنعت ۽ واپار ۽ مقامي آبادي جي لاءِ صنعتي مصنوعات جي پيداواري لاڳت کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، حڪومت پاران منظور ڪيل قومي ٽيرف پاليسي هڪ انقلابي قدم آهي جيڪو ملڪي صنعتي پيداوار کي وڌائڻ سان گڏ مقامي ۽ عالمي منڊين ۾ ڪاروبار کي مقابلي وارو بڻائي ٿو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ٻين ملڪن سان ٻطرفي ۽ لنگهه (ٽرانزٽ) واپاري مصنوعات جي بارڊر تي ڪسٽمز ڊيوٽي جي وصولي جي سخت نگراني ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم کي ورڪنگ گروپ جي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته روانگي واپار تي ٻڌل پائيدار معاشي ترقي ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ پيداواري صلاحيت ۾ اضافي، حڪومتي تحفظ ۽ انفراسٽرڪچر جي بهتري سان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي، ملڪ جي نمائنده ڪاروباري ماڻهن تي ٻڌل ذيلي ورڪنگ گروپ پاران محمد علي ٽبه ۽ ٻين وزيراعظم کي ڪسٽمز ۽ ٽيڪس وصولي بابت مسئلن کان آگاهه ڪيو ۽ پنهنجون سفارشون پيش ڪيون. وزيراعظم انهن سفارشن جي آجيان ڪئي ۽ ملڪي صنعتي پيداوار کي وڌائڻ، ڪاروباري ۽ سيڙپڪار ماڻهن کي هر ممڪن سهولت ڏيڻ جي لاءِ لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن کي خصوصي هدايتون ڏنيون. وزيراعظم چيو ته تازي قومي ٽيرف پاليسي ملڪي صنعتي پيداوار کي مثبت انداز ۾ سهولت پهچائڻ جي لاءِ لاڳو ڪئي وئي آهي ته جيئن برآمدات ۽ درآمدات کي ملڪي مجموعي معاشي ترقي سان هم آهنگ ڪري سگهجي. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، پاور واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، اڪنامڪ افيئرز ڊويزن واري وفاقي وزير احد خان چيما، پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، وزيراعظم جي خاص معاون هارون اختر، نيشنل ڪوآرڊينيٽر ايس آءِ ايف سي، ملڪي صنعتي ۽ ڪاروباري ادارن جي نمائندن ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري عهديدارن شرڪت ڪئي.











