اسلام آباد -03 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي انتظام هيٺ ميران شاهه ۾ اهم جرڳي جو بندوبست ڪيو ويو آهي. جرڳي ۾ اتر وزيرستان جي صلاحڪارن ۽ نمائندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. تفصيل موجب جنرل آفيسر ڪمانڊنگ ميران شاهه جرڳي ۾ شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪئي، جي او سي ميران شاهه اتر وزيرستان ۾ امن ۽ خوشحالي لاءِ قابائي اڳواڻن ۽ مشيرن جي اهم ڪردار جي تعريف …
پاڪ فوج جي انتظام هيٺ ميران شاهه ۾ اهم جرڳو منعقد
اسلام آباد -03 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي انتظام هيٺ ميران شاهه ۾ اهم جرڳي جو بندوبست ڪيو ويو آهي. جرڳي ۾ اتر وزيرستان جي صلاحڪارن ۽ نمائندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. تفصيل موجب جنرل آفيسر ڪمانڊنگ ميران شاهه جرڳي ۾ شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪئي، جي او سي ميران شاهه اتر وزيرستان ۾ امن ۽ خوشحالي لاءِ قابائي اڳواڻن ۽ مشيرن جي اهم ڪردار جي تعريف ڪئي. جرڳي ۾ علائقي جي موجوده سيڪيورٽي صورتحال تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. شرڪت ڪندڙن علائقي ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۽ درپيش انتظامي مسئلن تي پنهنجون تجويزون پيش ڪيون. قبائلي نمائندن فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز سان مڪمل تعاون جي عزم جو ورجاءُ به ڪيو. جرڳي جي پڄاڻي تي امن، ترقي ۽ بهتر انتظامي حڪمت عملي لاءِ گڏيل سهڪار جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو، اتر وزيرستان جي قبائلي نمائندن ۽ مشيرن علائقي ۾ جٽادار امن لاءِ سيڪيورٽي فورسز سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهڻ جو عزم به ڪيو.











