اسلام آباد -03 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي ايليٽ سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيم سريلنڪا ۾ سائيڪلون ڊِٽوا سبب ٿيل تباهي کان پوءِ امداد لاءِ روانو ڪئي وئي آهي. پاڪ فضائيه جي خصوصي اڏام سي-130 جهاز ان ٽيم کي سريلنڪا پهچايو. تفصيل موجب پاڪ بحريه ۽ ايوا يشن اڳ ئي سريلنڪا ۾ نگراني، ميڊيڪل ايويڪيويشن ۽ ريسڪيو آپريشنز ۾ مصروف آهي. سريلنڪا جي عوام جي امداد لاءِ اين ڊي …
پاڪ فوج جي ايليٽ سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيم سريلنڪا ۾ امدادي سرگرمين لاءِ رواني
اسلام آباد -03 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي ايليٽ سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيم سريلنڪا ۾ سائيڪلون ڊِٽوا سبب ٿيل تباهي کان پوءِ امداد لاءِ روانو ڪئي وئي آهي. پاڪ فضائيه جي خصوصي اڏام سي-130 جهاز ان ٽيم کي سريلنڪا پهچايو. تفصيل موجب پاڪ بحريه ۽ ايوا يشن اڳ ئي سريلنڪا ۾ نگراني، ميڊيڪل ايويڪيويشن ۽ ريسڪيو آپريشنز ۾ مصروف آهي. سريلنڪا جي عوام جي امداد لاءِ اين ڊي ايم اي 200 ٽن امدادي سامان ڪنٽينرشپ ذريعي سريلنڪا موڪليو آهي. وزيراعظم پاڪستان گذريل ڏينهن سريلنڪا جي صدر سان ڳالهه ٻولهه به ڪئي اهي. وزيراعظم شهباز شريف متاثر ملڪن انڊونيشيا، ٿائيلينڊ ۽ ملائيشيا جي قيادت سان به رابطو ڪري رهيو آهي. اين ڊي ايم اي سريلنڪن ايئر لائينز جي ڪولمبو کان لاهور اڏامن ذريعي وڌيڪ امدادي سامان موڪلڻ لاءِ تيار آهي. اين ڊي ايم اي سريلنڪن صدر جي درخواست تي ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ پاڪ فوج جي فولڊنگ بريج سميت ضروري اوزار فراهم ڪندي، رڪاوٽن باوجود پاڪستان سريلنڪا جي ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ امدادي سامان جي رسد جاري رکيو پيو اچي.











