اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سمورن شهرين خاص طور تي ڪمزور ۽ خصوصي سگهه رکندڙ طبقن جي بنيادي شهري حقن جي تحفظ ۽ انهن کي برابر سهولتن جي فراهمي کي حڪومت جي ترجيح قرار ڏيندي چيو آهي ته ان سلسلي ۾ سمورا ضروري قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم خصوصي ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي …
ڪمزور ۽ خصوصي سگهه رکندڙ طبقن جي بنيادي شهري حقن جي تحفظ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا پيا وڃن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سمورن شهرين خاص طور تي ڪمزور ۽ خصوصي سگهه رکندڙ طبقن جي بنيادي شهري حقن جي تحفظ ۽ انهن کي برابر سهولتن جي فراهمي کي حڪومت جي ترجيح قرار ڏيندي چيو آهي ته ان سلسلي ۾ سمورا ضروري قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم خصوصي ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ خصوصي ماڻهن جو عالمي ڏينهن ان عزم سان ملهايو پيو وڃي ته خصوصي ماڻهن جي حقن جو تحفظ ۽ زندگي جي سمورن شعبن ۾ انهن جي شموليت کي يقيني بڻائڻ قومي ترقي جي لاءِ لازمي آهي. هن چيو ته هن سال اهو عالمي ڏينهن ”خصوصي ماڻهن جي معاشري ۾ شموليت ۽ سماجي ترقي“ جي عنوان تحت ملهايو پيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان جو آئين سمورن شهرين کي برابر حق ۽ برابر شموليت جي ضمانت ڏي ٿو، خصوصي ماڻهو اسان جي معاشري جي سماجي، معاشرتي ۽ ثقافتي اساس جو اهم حصو آهن، ڪنهن به طرح جي جسماني گهٽتائي انساني ذهني صلاحيتن ۽ حقن جي نفي نه ٿي ڪري. هن چيو ته پاڪستان حڪومت کي خصوصي ماڻهن جي حقن جي اهميت جو مڪمل ادراڪ آهي ۽ حڪومت انهن جي تحفظ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ان ڏس ۾ سمورا ضروري ۽ موثر قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن خصوصي ماڻهن جي لاءِ همدرداڻي، دوستاڻي ۽ معاون معاشرو جوڙي سگهجي. هن چيو ته قانوني پس منظر ۾ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي خصوصي ماڻهن جي حقن جا ايڪٽ اهڙن ماڻهن کي هر طرح جو ضروري قانوني تحفظ فراهم ڪن ٿا، وڌيڪ اهي ايڪٽ خصوصي ماڻهن جي داخلا ۽ انهن جي معاونت، امداد ۽ ٻيون موثر خدمتون سرانجام ڏيڻ جي لاءِ پڻ بنياد فراهم ڪن ٿا، خصوصي ماڻهن جي حقن جي ڪونسل، سي آر پي ڊي پڻ حقن جي نگراني ۽ حڪومتيپاليسي قدمن کي مضبوط ڪرڻ ۾ تمام گهڻي فعال طريقي سان ڪم ڪري رهي آهي، ان کانسواءِ ٻين قدمن ۾ هر 15 ڏينهن کانپوءِ طبي معائنو، خصوصي ماڻهن جي لاءِ معذوري جو سرٽيفڪيٽ، انهن جي لاءِ سهولتي اوزارن، هنرمندي ۾ اضافي جي انتظامن، صلاحيت کي وڌائڻ جي تربيت، نوڪرين ۾ مخصوص ڪوٽا، ڪم جي جڳهه تي آساني سان پهچ جي لاءِ قدم شامل آهن. هن چيو ته حڪومت خصوصي ماڻهن جي معاشري ۾ هر سطح ۽ هر شعبي ۾ شموليت کي يقيني بڻائڻ چاهي ٿي، حڪومت پاليسي ۽ واعدن کي عملي جامعو پارائيندي خصوصي ڪوششون ڪيون آهن ته جيئن خصوصي ماڻهن کي تعليم، صحت، روزگار ۽ سماجي زندگي ۾ هر طرح جي شموليت يقيني ٿئي جڏهن ته ان طبقي جي ڀرپور نمائندگي ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ اڃا وڌيڪ موثر قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، هيستائين کنيل قدمن م خصوصي ماڻهن جي حقن جي ڪائونسل جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن ۽ انساني حقن بابت وفاقي وزارت پڻ خصوصي ماڻهن جي حقن جي تحفظ ۽ مضبوطي جي لاءِ وڏي محنت سان ڪم ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته خصوصي ماڻهن جي ڀرپور شموليت ئي معاشرتي نظام جي افاديت ۽ موثر ڪارڪردگي جو امتحان آهي ۽ اها اسان کي نظام کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ جامع حڪمت عملي ٺاهڻ جي ياد پن ڏياري ٿي. هن چيو ته سمورن شهرين خاص طور تي ڪمزور ۽ خصوصي استعداد رکندڙ طبقن جي بنيادي شهري حقن جو تحفظ ۽ برابر سهولتن جي فراهمي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم چيو ته هو اڄ هن ڏينهن جي موقعي تي عوام، صوبائي حڪومتن، لاڳاپيل نجي ادارن، سول سوسائٽي، استادن ۽ معاشري جي سمورن اهم ماڻهن کي اپيل ڪري ٿو ته اچو گڏجي اهڙي پاڪستان طرف اڳڀرائي ڪريون جنهن ۾ خصوصي ماڻهو پنهنجي مڪمل صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندي هڪ دوستاڻي همدرداڻي ماحول ۾ معاشري جو فعال حصو بڻجي سگهن. هن چيو ته ڪنهن به امتيازي سلوڪ کان پاڪ ۽ سماجي اڻبرابري کان قطعي نظر سمورن شهرين جي صحت ۽ عزت ۽ وقار جي تحفظ جي لاءِ اسان جو عزم پختو هجڻ گهرجي، اچو اڄ جي ڏينهن وچن ورجايون ته خصوصي ماڻهن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ اڳ کان وڌيڪ گڏيل تعاون سان موثر قدم کڻنداسين ته جيئن اسان ان ڏس ۾ پنهنجي ذميوارين جي ادائيگي ۾ پورو لهي سگهون.











