چارسده -02 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي، ته فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جو فيڊرل ڪانسٽيبلري ۾ تبديل ٿيڻ معمولي تبديلي نه پر پاڪستان جي اندروني سلامتي جي نظام ۾ هڪ تاريخي سڌارو آهي. اڄ جي شاندار پريڊ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته هي فورس نئين دور جي گهرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ مڪمل طور تيار آهي. اوهان سڀئي چست، منظم ۽ پنهنجي قومي …
فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جو فيڊرل ڪانسٽيبلري ۾ تبديل ٿيڻ معمولي تبديلي ناهي، پاڪستان جي اندروني سلامتي واري نظام ۾ هڪ تاريخي سڌارو آهي: محسن نقوي
چارسده -02 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي، ته فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جو فيڊرل ڪانسٽيبلري ۾ تبديل ٿيڻ معمولي تبديلي نه پر پاڪستان جي اندروني سلامتي جي نظام ۾ هڪ تاريخي سڌارو آهي. اڄ جي شاندار پريڊ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته هي فورس نئين دور جي گهرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ مڪمل طور تيار آهي. اوهان سڀئي چست، منظم ۽ پنهنجي قومي فرض لاءِ هر وقت تيار رهو، اوهان جي ڪارڪردگي، اوهان جا حوصلا، عزم وطن سان وفاداري جي عڪاس آهن. هو ايف سي جي نئين بيج جي پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته فيڊرل ڪانسٽيبلري جي تاريخ هڪ صدي کان وڌيڪ وقت تي ٻڌل آهي. جيڪا هر دور ۾ بدليل سيڪيورٽي چئلينجز موجب پاڻ کي اختيار ڪري رهي آهي. دهشتگردي خلاف جنگ سرڪاري ٺڪاڻن جي حفاظت، قومي منصوبن جي سيڪيورٽي ۽ امن امان جي بحالي ۾ هي فورس پهرين صف ۾ رهي آهي. وڌندڙ ڪدار کي نظر ۾ رکندي فورس جي قانوني ڍانچي کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪيو ويو ۽ نئين آرڊيننس ذريعي ان کي مضبوط ۽ موثر قانوني بنياد فراهم ڪيا ويا. هن چيو ته گهرو وزارت اهو به يقيني بڻايو آهي ته هن فورس جي شهيدن جي خاندانن کي بهترين سهولتون فراهم ڪيون وڃن. ڪمانڊنٽ فيڊرل ڪانسٽيبلري نذير گاڙ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين وفاقي وزير جو آڌرڀاءُ ڪيو. وفاقي وزير پريڊ جو معائنو ڪيو، چست جٿن مارچ پاسٽ ڪندي سلامي پيش ڪئي. وفاقي وزير جوانن جي عملي تربيت جو مختلف مظاهرو به ڏٺو ۽ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ جوانن ۾ انعام ورهايا جڏهن ته ڪمانڊنٽ ايف سي استقبالي خطبو به پيش ڪيو.











