اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اتر وزيرستان ۾ ڀارتي حمايت يافته سرگرم فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڪامياب ڪاررواين دوران خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي جوانن جي جرئت کي ساراهيو. صدر چيو ته ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم خوارجين جي قبضي مان هٿيار …
صدر پاران اتر وزيرستان ۾ ڀارتي حمايت يافته سرگرم فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش
اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اتر وزيرستان ۾ ڀارتي حمايت يافته سرگرم فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڪامياب ڪاررواين دوران خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي جوانن جي جرئت کي ساراهيو. صدر چيو ته ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم خوارجين جي قبضي مان هٿيار ۽ بارود برآمد ڪرڻ سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي مهارت جو ثبوت آهي. صدر سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي بلند حوصلي کي سلام پيش ڪندي ملڪ جي دفاع جي عزم کي خراج تحسين پيش ڪيو.











