تهران – 02 ڊسمبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي ايران جي ثقافت ۽ اسلامي رهنمائي واري وزير سيد عباس صالحي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ ايران جي ڀائراڻي لاڳاپن جي ڏس ۾ ٻطرفي ثقافتي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات خوشگوار ۽ دوستاڻي ماحول ۾ ٿي …
قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي جي ايران جي ثقافت ۽ اسلامي رهنمائي واري وزير سيد عباس صالحي سان ملاقات
تهران – 02 ڊسمبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي ايران جي ثقافت ۽ اسلامي رهنمائي واري وزير سيد عباس صالحي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ ايران جي ڀائراڻي لاڳاپن جي ڏس ۾ ٻطرفي ثقافتي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات خوشگوار ۽ دوستاڻي ماحول ۾ ٿي جنهن ۾ ٻنهي وزيرن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ثقافتي شعبي، عوامي رابطن ۽ گڏيل مٽاسٽا کي وڌيڪ فروغ ڏنو ويندو. ان موقعي تي اورنگزيب خان کچي چيو ته پاڪستان ايران سان پنهنجي لاڳاپن خاص طور تي ثقافت ۽ گڏيل تهذيبي ورثي جي حوالي سان انتهائي اهميت رکي ٿو. ايراني وزير سيد عباس صالحي پاڪستان جي ثقافتي سرگرمين کي ساراهيو ۽ گڏيل منصوبن ۾ تعاون وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي وزيرن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جاري رکي ويندي ۽ اهڙا نوان منصوبا متعارف ڪرايا ويندا جيڪي ٻنهي ملڪن جي عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿين.











