ٻن ڏينهن وارو اسلام آباد ڪانڪليو 2025ع اڄ شروع ٿيندو،نائب وزيراعظم افتتاحي سيشن جو خاص مهمان هوندو

 اسلام آباد - 2 ڊسمبر(اي پي پي)انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽيڊيز اسلام آباد جي اهتمام هيٺ ٻن ڏينهن وارو اسلام آباد ڪانڪليو 2025ع جنهن جو عنوان ٿيميٽڪ فوڪس: ري اميجنگ سائوٿ ايشيا: سيڪيورٽي، اڪانامي، ڪلائميٽ، ڪنيڪٽوٽييڪل اڄ اربع کان هتي شروع ٿيندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار افتتاحي اجلاس جو خاص مهمان هوندو. پهرين ورڪنگ سيشن کي اڳوڻو چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل (ر ) زبير محمود حيات اهم خطاب ڪندو. اسلام آباد ڪانڪليو جي ٻي ورڪنگ سيشن کي سينيٽ جي دفاعي ڪميٽي جي اڳوڻي چيئرمين …

 اسلام آباد – 2 ڊسمبر(اي پي پي)انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽيڊيز اسلام آباد جي اهتمام هيٺ ٻن ڏينهن وارو اسلام آباد ڪانڪليو 2025ع جنهن جو عنوان ٿيميٽڪ فوڪس: ري اميجنگ سائوٿ ايشيا: سيڪيورٽي، اڪانامي، ڪلائميٽ، ڪنيڪٽوٽييڪل اڄ اربع کان هتي شروع ٿيندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار افتتاحي اجلاس جو خاص مهمان هوندو. پهرين ورڪنگ سيشن کي اڳوڻو چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل (ر ) زبير محمود حيات اهم خطاب ڪندو. اسلام آباد ڪانڪليو جي ٻي ورڪنگ سيشن کي سينيٽ جي دفاعي ڪميٽي جي اڳوڻي چيئرمين سينيٽر مشاهد حسين سيد سميت ٻيا مقرر پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندا جڏهن ته ٽئين ورڪنگ سيشن کي اڳوڻي سفير تهمينه جنجوعه اهم خطاب ڪندي. اسلام آباد ڪانڪليو جي ٻي ڏينهن چوٿين ورڪنگ سيشن کي سيڙپڪاري بورڊ جو اڳوڻو چيئرمين هارون شريف اهم خطاب ڪندو، جڏهن ته ان موقعي تي ٻيا مقرر به موضوع جي مناسبت سان خيالن جو اظهار ڪندا. آخري سيشن ۾ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ خصوصي مهمان  جي حيثيت سان شڪت ڪندي.