اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سريلنڪا ۾ سامونڊي طوفان سبب قيمتي جانين جي زيان تي افسوس جو اظهار ڪندي لاڳاپيل ادارن کي سريلنڪا ۾ امدادي ڪاررواين جي لاءِ ڀرپور مدد جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ سريلنڪا ۾ سامونڊي طوفان ”ڊٽواهه“ سبب متاثر علائقن ۾ پاڪستان پاران امدادي ڪاررواين جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اجلاس ٿيو جنهن کي …
وزيراعظم پاران لاڳاپيل ادارن کي سريلنڪا ۾ امدادي ڪاررواين جي لاءِ ڀرپور مدد جي هدايت
اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سريلنڪا ۾ سامونڊي طوفان سبب قيمتي جانين جي زيان تي افسوس جو اظهار ڪندي لاڳاپيل ادارن کي سريلنڪا ۾ امدادي ڪاررواين جي لاءِ ڀرپور مدد جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ سريلنڪا ۾ سامونڊي طوفان ”ڊٽواهه“ سبب متاثر علائقن ۾ پاڪستان پاران امدادي ڪاررواين جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اجلاس ٿيو جنهن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ سريلنڪا جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ بيٺل آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته سرچ اينڊ ريسڪيو مرحلي کانپوءِ پاڪستان متاثر علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير ۾ پڻ ڀرپور ڪردار ادا ڪندو. اجلاس کي پاڪستان پاران سريلنڪا جي طوفان کان متاثر علائقن ۾ جاري امدادي ڪاررواين بابت بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان مان اربن سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيم سڀاڻي سريلنڪا رواني ٿيندي، ڪمرشل سامونڊي جهاز جي ذريعي وڌيڪ امدادي سامان پڻ سڀاڻي روانو ٿيندو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پاڪ بحريه جو جهاز سيف سريلنڪا ۾ مقرري جي دوران ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امدادي سرگرمين ۾ مصروف آهي، پاڪ بحريه جي جهاز تي موجود هيليڪاپٽر سريلنڪا ۾ 5 ڏينهن کان ڦاٿل خاندانن کي بچايو هو. بريفنگ موجب پاڪستان سريلنڪا ۾ ريليف ۽ ريسڪيو جو ڪم جاري رکندو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ناڻي وارو مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، وزيراعظم جو صلاحڪار طارق فاطمي، اين ڊي اي اي چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.











