اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) سريلنڪا جي صدر انورا ڪماراڊسا نائيڪي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ٽيليفون ڪري مشڪل وقت ۾ يڪجهتي جي اظهار ۽ فراخدلاڻي امداد تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڊيموڪريٽڪ سوشلسٽ ريپبلڪ آف سريلنڪا جي صدر انورا ڪماراڊسا نائيڪي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ٽيليفون ڪئي. وزيراعظم سريلنڪا ۾ سامونڊي طوفان ڊٽواهه سبب ٿيندڙ جاني نقصان ۽ …
سريلنڪا جي صدر انورا ڪماراڊسا نائيڪي جي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ٽيليفون، مشڪل وقت ۾ يڪجهتي جي اظهار تي ٿورا مڃيا
اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) سريلنڪا جي صدر انورا ڪماراڊسا نائيڪي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ٽيليفون ڪري مشڪل وقت ۾ يڪجهتي جي اظهار ۽ فراخدلاڻي امداد تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڊيموڪريٽڪ سوشلسٽ ريپبلڪ آف سريلنڪا جي صدر انورا ڪماراڊسا نائيڪي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ٽيليفون ڪئي. وزيراعظم سريلنڪا ۾ سامونڊي طوفان ڊٽواهه سبب ٿيندڙ جاني نقصان ۽ وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي تي پنهنجي گهري ڏک جو اظهار ڪيو. وزيراعظم سريلنڪا جي عوام ۽ حڪومت سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن انهن سوڳوار خاندانن سان پڻ همدرديءَ جو اظهار ڪيو جن تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ ۾ پنهنجي پيارن کي وڃائي ڇڏيو. وزيراعظم سوين قيمتي جانين جي زيان ۽ جزيري ۾ هزارين ماڻهن جي بي گهر ٿيڻ تي پڻ گهري افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم انهن مشڪل حالتن ۾ امدادي ڪاررواين تي سريلنڪا جي عملدارن، فوج ۽ ريسڪيو ٽيمن جي فوري ردعمل کي ساراهيو. موسمياتي تبديلي سبب پيدا ٿيندڙ آفتن جي حوالي سان پاڪستان کي پهچندڙ نقصانن جو ذڪر ڪندي هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ان مشڪل ترين صورتحال ۾ سريلنڪا سان مڪمل يڪجهتي سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم سريلنڪا جي صدر کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان سريلنڪا جي عوام جي مدد جي لاءِ فوري طور تي انساني بنيادن تي امداد موڪلي رهيو آهي ته جيئن ان قدرتي آفت سبب ٿيندڙ تباهي مان نڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي. بيان موجب سريلنڪن صدر ان مشڪل وقت ۾ سرلينڪن قوم سان يڪجهتي جي اظهار سان گڏوگڏ فراخدلاڻي انساني امداد جي فراهمي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن ان ڳالهه کي ساراهيو ته پاڪستان انهن اولين ملڪن ۾ شامل آهي جن سامونڊي طوفان جي ڏس ۾ امدادي ڪاررواين ۾ حصو ورتو. پنهنجي گذريل ملاقاتن جو ذڪر ڪندي ٻنهي اڳواڻن سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو پڻ اظهار ڪيو.











