فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ترڪ وزير  پرسلان بيرڪتار جي ملاقات

راولپنڊي -02 ڊسمبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ترڪيه جي توانائي ۽ قدرتي وسيلن واري وزير پرسلان بيرڪتار جنرل هيڊ ڪوارٽر (جي ايڇ ڪيو) ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. خاص ڪري پاڪ ترڪيه توانائي تعاون کي هٿي وٺائڻ، ٻه طرفن لاڳاپن جي استحڪام ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري جي نون موقعن تي ڳالهه …

راولپنڊي -02 ڊسمبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ترڪيه جي توانائي ۽ قدرتي وسيلن واري وزير پرسلان بيرڪتار جنرل هيڊ ڪوارٽر (جي ايڇ ڪيو) ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. خاص ڪري پاڪ ترڪيه توانائي تعاون کي هٿي وٺائڻ، ٻه طرفن لاڳاپن جي استحڪام ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري جي نون موقعن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب ٻنهي ڌرين گڏيل هدف ۽ علائقائي استحڪام جي حوالي سان حصيداري کي مضبوط بڻائن جي عزم کي ورجايو. فيلڊ مارشل پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ گهرن، پراڻن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪندي مختلف عالمي فورمز تي پاڪستان جي لاءِ ترڪيه جي ڀرپور حمايت تي ٿورو مڃيو. ترڪ توانائي واري وزير توانائي جي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي ترڪيه جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ علائقائي امن، استحڪام ۽ پائيدار ترقي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو.