صحافت هڪ وسيع ۽ باوقار شعبو آهي، صحافي اسان جون اکيون ۽ ڪن آهي: سردار اياز صادق

اسلام آباد -02 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي، ته صحافت هڪ وسيع ۽ باوقار شعبو آهي، صحافي اسان جون اکيون ۽ ڪن آهن، پارلياماني رپورٽرز جي مثبت ذميواراڻي رپورٽنگ ڏسي خوشي ٿيندي آهي، هڪ ذميواري صحافي جي سڃاڻپ اها آهي ته هو مثبت، سچي ۽ ذميواراڻي صحافت کي ترجيح ڏئي ٿو. اهڙو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ۾ پارليامينٽيرينز رپورٽرز ايسوسيئيشن (پي آر …

اسلام آباد -02 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي، ته صحافت هڪ وسيع ۽ باوقار شعبو آهي، صحافي اسان جون اکيون ۽ ڪن آهن، پارلياماني رپورٽرز جي مثبت ذميواراڻي رپورٽنگ ڏسي خوشي ٿيندي آهي، هڪ ذميواري صحافي جي سڃاڻپ اها آهي ته هو مثبت، سچي ۽ ذميواراڻي صحافت کي ترجيح ڏئي ٿو. اهڙو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ۾ پارليامينٽيرينز رپورٽرز ايسوسيئيشن (پي آر اي) جي نئين چونڊيل باڊي جي حلف برادري واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.  اسپيڪر  پي آر اي جي نون چونڊيل عهديدارن کان حلف ورتو. اياز صادق چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون ڏنيون. تقريب ۾ سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، سينيٽ جو ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر ۽ قومي اسيمبلي ميمبر مولانا عبدالغفور حيدري موجود هئا. اسپيڪر تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هتي ويٺل اڪثر صحافين سان منهنجو پراڻو تعلق آهي، پارلياماني رپورٽرز کي هميشه پارليامينٽ جو اهم حصو سمجهيو آهي. پارلياماني رپورٽرز پارليامينٽ ميمبرن کان وڌيڪ وقت پارليامينٽ ۾ گذارين ٿا. هن چيو ته صحافي اسان جون اکيون ۽ ڪن آهن ۽ هي هڪ مقدس ۽ باوقار پيشو آهي.