لاهور -02 ڊسمبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي جي صدارت هيٺ ريلوي هيڊ ڪوارٽر لاهور ۾ اجلاس ٿيو. ڊي جي ايل ڊي اي طاهر فاروق لاهور ريلوي اسٽيشن جي ڀرپاسي ترقياتي رٿائن جي تجويز ڪيل پلان جي بريفنگ ڏني. ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف جي سسٽين ايبل ڊولپمينٽ جي ويزن کي ساراهيندي چيو ته لاهور ريلوي اسٽيشن جي ڀرپاسي …
لاهور ريلوي اسٽيشن جي ڀرپاسي ترقياتي منصوبا پوري علائقي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندا: حنيف عباسي
لاهور -02 ڊسمبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي جي صدارت هيٺ ريلوي هيڊ ڪوارٽر لاهور ۾ اجلاس ٿيو. ڊي جي ايل ڊي اي طاهر فاروق لاهور ريلوي اسٽيشن جي ڀرپاسي ترقياتي رٿائن جي تجويز ڪيل پلان جي بريفنگ ڏني. ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف جي سسٽين ايبل ڊولپمينٽ جي ويزن کي ساراهيندي چيو ته لاهور ريلوي اسٽيشن جي ڀرپاسي ترقياتي رٿائون پوري علائقي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿينديون. ريلوي واري وفاقي وزير اورينج ٽرين جي اسٽاپ کي ريلوي اسٽيشن سان ڳنڍڻ جي تجويز پڻ ڏني. ڊي جي ايل ڊي اي طاهر فاروق ٻڌايو ته 2 ارب روپين جي لاڳت سان ريلوي اسٽيشن جي ڀرپاسي 3 ڪلوميٽر جا ريڊيئس ڊولپمينٽ ڪئي ويندي. ريلوي اسٽيشن مصري شاهه، هڪ موريه، ٻه موريه پل ۽ آزادي چوڪ طرف سسٽين ايبل ڊولپمينٽ تحت ڪم ڪيو ويندو.ريلويز اسٽيشن جي آسپاس گندگي جو خاتمو، واڪ ويز ۽ گرين ايريا ٺاهيا ويندا. ريلوي اسٽيشن آڏو پارنگ، فوٽ پاٿ، اسٽنگ ايرياز ۽ گرين ايريا بڻايا ويندا. اجلاس ۾ چيف انجنيئر ٽيپا، پراجيڪٽ ڊائريڪٽر، ايل ڊي اي ۽ ٽيپا جي آفيسرن، سي او لاهور ريلوي اسٽيشن ۽ پاڪستان ريلوي جا سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.











