وزيراعظم پاران پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي مثبت رفتار تي اطمينان جو اظهار

اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي مثبت رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي ترڪيه سان توانائي، پيٽروليم ۽ معدنيات سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ترڪيه جي توانائي ۽ …

اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي مثبت رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي ترڪيه سان توانائي، پيٽروليم ۽ معدنيات سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ترڪيه جي توانائي ۽ قدرتي وسيلن واري وزير الپرسلان بيريڪتر جيڪو پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آهي، وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن تي زور ڏيندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي مثبت رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ترڪيه سان خاص طور تي توانائي جي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم توانائي، پيٽروليم ۽ معدنيات جي شبن ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته ترڪش پيٽروليم پاڪستان ۾ تيل جي ڳولا جي حوالي سان آف شور ۽ آن شور سرگرمين ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي جيڪو توانائي جي شعبي ۾ ٻطرفي تعاون ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي. هن ترڪ ڪمپنين کي پاڪستان جي توانائي جي مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ جي دعوت پڻ ڏني. هلندڙ سال صدر رجب طيب اردوان سان پنهنجي ڪيترين ئي ملاقاتن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم تيزي سان بدلجندڙ علائقائي ۽ عالمي ماحول جي ڏس ۾ ڌرين جي وچ ۾ ويجهي رابطاڪاري کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. بيان موجب ڌرين جي وچ ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته پاڪستان جو وزارتي وفد جلد ئي ترڪيه جو دورو ندو ته جيئن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خاص طور تي توانائي ۽ بجلي جي شعبي ۾ وڌيڪ تعاون ڳولي سگهجي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، پيٽروليم وارو وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، پاور ڊويزن وارو وفاقي وزير سردار اويس خان لغاري، وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن وارو خاص معاون سيد طارق فاطمي ۽ اعليٰ حڪومتي عملدار پڻ موجود هئا. ٻنهي اڳواڻن ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن جي مٽاسٽا جو پڻ مشاهدو ڪيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٽريڊ آف اسائنمنٽ – ايسٽرن آف شور انڊس – سي، پيٽروليم ڪنسيشن ايگريمنٽ زيارت نارٿ بلاڪ، پيٽروليم ڪنسيشن ايگريمنٽ سک پور – 2 بلاڪ، ڊيپ ايف بلاڪ اي بلاڪ ڊيپ ايف بلاڪ ۽ ايف بلاڪ ڊيپ بلاڪ جي مٽاسٽا ٿي.