پاڪستان معاشي مشڪلاتن مان نڪري رهيو آهي: دانيال چوڌري

راولپنڊي – 02 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري پارلياماني سيڪريٽري دانيال چوڌري چيو آهي ته پاڪستان معاشي مشڪلاتن مان نڪري رهيو آهي ۽ ٿُوڻين جو دور هاڻي پٺتي رهجي ويو آهي. راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (آر سي سي آءِ) ۾ واپاري برادري کي خطاب ڪندي هن چيو ته حڪومت گذريل ڏيڍ سال ۾ معيشت جي استحڪام جي لاءِ مشڪل پر ضروري فيصلا ڪيا، جنهن جا …

راولپنڊي – 02 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري پارلياماني سيڪريٽري دانيال چوڌري چيو آهي ته پاڪستان معاشي مشڪلاتن مان نڪري رهيو آهي ۽ ٿُوڻين جو دور هاڻي پٺتي رهجي ويو آهي. راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (آر سي سي آءِ) ۾ واپاري برادري کي خطاب ڪندي هن چيو ته حڪومت گذريل ڏيڍ سال ۾ معيشت جي استحڪام جي لاءِ مشڪل پر ضروري فيصلا ڪيا، جنهن جا مثبت نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن. هن چيو ته حڪومت جڏهن ذميواري سنڀالي ته ملڪ شديد معاشي بدحالي جو شڪار هو جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن ۽ مضبوط ٽيم جي ڪري پاڪستان هاڻي معاشي بحالي جي سفر تي گامزن آهي. دانيال چوڌري معيشت جي صورتحال کي ”ڀڳل ٽنگ“ جي مثال سان بيان ڪندي چيو ته پلاسٽر ۽ ٿُوڻين کانپوءِ هاڻي ملڪ  آهستي آهستي هلڻ جي مرحلي مان نڪري جلد ڊوڙڻ لڳندو. پارلياماني سيڪريٽري چيو ته اڳوڻي حڪومت جي آءِ ايم ايف سان ڪيل واعدن جي ڪري سخت معاشي پاليسيون جاري رکڻ لازمي هو تنهن هوندي به موجوده حڪومت انهن پاليسين کي بهتر انداز ۾ هم آهنگ ڪري معيشت کي مستحڪم بنياد فراهم ڪيو آهي. هن واپاري برادري کي يقين ڏياريو ته جيئن جيئن معاشي رفتار وڌندي، ٽيڪس جو دٻاءُ گهٽ ۽ ڪاروباري سرگرميون وڌيڪ آسان ٿينديون وينديون. هن وزير حنيف عباسي جي سربراهي ۾ پاڪستان ريلوي جي بحالي جي قدمن کي پڻ ساراهيو ۽ چيو ته ادارو هاڻي موثر انداز ۾ بحال ٿي چڪو آهي. دانيال چوڌري راولپنڊي چيمبر جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته واپاري برادري ملڪ جي ترقي ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي ۽ حڪومت انهن جي مسئلن جي حل لاءِ مڪمل تعاون جاري رکندي. آخر ۾ هن آر سي سي آءِ جي صدر عثمان شوڪت، گروپ اڳواڻ سهيل الطاف ۽ ٻين عهديدارن پاران تقريب منعقد ڪرڻ تي ٿورا مڃيا.