اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران آزاد ڪشمير جي حوالي سان قائم ڪيل سياسي ڪميٽي جو اهم اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو جنهن جي گڏيل صدارت وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار سينيٽر راڻا ثناءُ الله خان ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ڪئي. ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وزارت ۽ سيفران پاران جاري بيان موجب …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران آزاد ڪشمير جي حوالي سان قائم ڪيل سياسي ڪميٽي جو اجلاس
اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران آزاد ڪشمير جي حوالي سان قائم ڪيل سياسي ڪميٽي جو اهم اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو جنهن جي گڏيل صدارت وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار سينيٽر راڻا ثناءُ الله خان ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ڪئي. ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وزارت ۽ سيفران پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي موجوده سياسي صورتحال ۽ 2026ع جي عام چونڊن جي حوالي سان تفصيلي خيان جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو ته مسلم ليگ (ن) آزاد ڪشمير جي ايندڙ چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺندي ۽ عوام آڏو پنهنجي حڪومت جي ماضي جي ڪارڪردگي، وفاقي حڪومت جي موجوده پاليسين ۽ ڪشميري عوام جي لاءِ کنيل قدم پيش ڪندي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) عوامي ڀلائي جي لاءِ سدائين ڪم ڪندي آئي آهي ۽ اڳي به ڪشميري عوام جي خدمت جو وچن ڪيو آهي. اجلاس ۾ قانونساز اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ۽ مسلم ليگ (ن) آزاد ڪشمير جي صدر شاهه غلام قادر، اڳوڻي وزيراعظم راجا فاروق حيدر، سيڪريٽري جنرل چوڌري طارق فاروق، سينيئر نائب صدر مشتاق منهاس، اطلاعات واري سيڪريٽري بئريسٽر افتخار گيلاني ۽ چوڌري عبدالرحمان آرائين شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي قيمتي راءِ ڏني.











