پاڪستان پاران سريلنڪا جي امداد جي لاءِ 200 ٽن امدادي سامان سامونڊي رستي روانو

اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان خوفناڪ سامونڊي طوفان ڊٽواه سبب ٿيندڙ تباهين کانپوءِ متاثر سريلنڪا جي امداد جي لاءِ 200 ٽن امدادي سامان سامونڊي رستي روانو ڪري ڇڏيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ان سلسلي ۾ اسلام آباد ۾ سامان روانگي جي تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ پاڪستان ۾ سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر ايڊمرل راويندرا …

اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان خوفناڪ سامونڊي طوفان ڊٽواه سبب ٿيندڙ تباهين کانپوءِ متاثر سريلنڪا جي امداد جي لاءِ 200 ٽن امدادي سامان سامونڊي رستي روانو ڪري ڇڏيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ان سلسلي ۾ اسلام آباد ۾ سامان روانگي جي تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ پاڪستان ۾ سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر ايڊمرل راويندرا سي وجي گنارتني شرڪت ڪئي. تقريب ۾ پرڏيهي وزارت ۽ اين ڊي ايم اي جا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا. پاڪستان ان موقعي تي سريلنڪا جي عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو.