18هين ۽ 26هين آئيني ترميمن ۾ مشاورتي عمل سان اتفاق راءِ پيدا ٿيو: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد -02 ڊسمبر (اي پي پي) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه ايم اين اي مولانا فضل الرحمان چيو ته 18هين آئيني ترميم، 26 هين آئيني ترميم ۾ مشاورتي عمل سان اتفاق راءِ پيدا ٿيو. پي ٽي آءِ 26هين آئيني ترميم ۾ سڌي ريت نه، پر اسان ذريعي اتفاق راءِ جو حصو رهي. هو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اقليتن جي حقن بابت قومي ڪميشن 2025 ع جي منظوري …

اسلام آباد -02 ڊسمبر (اي پي پي) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه ايم اين اي مولانا فضل الرحمان چيو ته 18هين آئيني ترميم، 26 هين آئيني ترميم ۾ مشاورتي عمل سان اتفاق راءِ پيدا ٿيو. پي ٽي آءِ 26هين آئيني ترميم ۾ سڌي ريت نه، پر اسان ذريعي اتفاق راءِ جو حصو رهي. هو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اقليتن جي حقن بابت قومي ڪميشن 2025 ع جي منظوري کان پوءِ ڳالهائي رهيو هو. مولانا فضل الرحمان چيو ته پارليامينٽ اهڙو فورم آهي جتي گڏجي ويهي گڏيل مشاورت سان معاملن کي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو. ڪوشش ڪئي وڃي ته آئيني ترميمن ۾ اتفاق راءِ پيدا ٿئي. هن چيو ته 1973ع ۾ پيپلز پارٽي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ۾ هئي هو سمورو آئين منظور ڪري سگهي ٿي پر هن ڊگهي مدي وارين ڳالهين جي پهرين عارضي ۽ پوءِ مستقل آئين ڏنو. هن سمورن صوبن، سياسي پارٽين سميت هر مڪتب فڪر کي اعتماد ۾ وٺي متفقه آئين ڏنو، 18هين ترميم ۾ به 9 مهينن جي جدوجهد کان پوءِ متفقه طور ترميم آندي وئي. اسان کي اندازو ٿي ويو ته پارليامينٽ ۽ قيادت ۾ اها اهليت آهي ته هو سمورن اختلافن باوجود متفقه آئيني ترميم آڻي سگهن ٿا. هن چيو ته 26 هين آئيني ترميم ۾ به مشاورتي عمل جاري رهيو، پي ٽي آءِ سڌي ريت ته نه اسان ذريعي اتفاق راءِ جو حصو بڻي پر 27هين آئيني ترميم ۾ اهو عمل نه ورجايو ويو.