پاڪستان آرمي ۽ چين جي پيپلز لبريشن آرمي جي گڏيل فوجي مشق وارير نائين شروع

راولپنڊي -02 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان آرمي ۽ چين جي پيپلز لبريشن آرمي گڏيل فوجي مشق وارير نائين شروع ڪري ڇڏي آهي جيڪا ٻه طرفه دهشتگردي جي روڪٿام وارين مشقن جي سلسلي ۾ نائون ايڊيشن آهي جيڪو هر سال ٻنهي ملڪن وچ ۾ منعقد ٿيندو آهي.  گذريل ڏينهن آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب اها مشق پهرين ڊسمبر کان شروع ٿي جنهن م دهشتگردي جي خاتمي جي …

راولپنڊي -02 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان آرمي ۽ چين جي پيپلز لبريشن آرمي گڏيل فوجي مشق وارير نائين شروع ڪري ڇڏي آهي جيڪا ٻه طرفه دهشتگردي جي روڪٿام وارين مشقن جي سلسلي ۾ نائون ايڊيشن آهي جيڪو هر سال ٻنهي ملڪن وچ ۾ منعقد ٿيندو آهي.  گذريل ڏينهن آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب اها مشق پهرين ڊسمبر کان شروع ٿي جنهن م دهشتگردي جي خاتمي جي ڪارروائين تي ڌيان ڏنو پيو وڃي جنهن جو مقصد گڏيل سهڪار کي وڌائڻ، پيشيواراڻي مهارتن کي بهتر بڻائڻ ۽ جديد جنگ ۾ بهترين طريقن جي مٽاسٽا ڪرڻ آهي. پاڪستان ۽ چين وچ ۾ پراڻي سدا بهار دفاعي سهڪار جنهن جون پاڙون گڏيل اعتماد ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري تي ٻڌل آهن.  وارير نائين مشق ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط عسڪري لاڳاپن جو ثبوت آهي ۽ علائقائي امن، استحڪام  ۽ سلامتي لاءِ ان جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪري ٿي. مشق جي افتتاحي تقريب ۾ ڪور ڪمانڊر منگلا، پي ايل اي جو ڊپٽي چيف آف اسٽاف ويسٽرن ٿيٽر ڪمانڊ ميجر جنرل بيان شيامنگ ۽ ٻنهي ملن جي اعليٰ فوجي اختيارين شرڪت ڪئي جيڪي نيشنل ڪائونٽ ٽيررازم سينٽر پبي ۾ منعقد ٿيون.