نيشنل گيمز 6 کان 13 ڊسمبر تائين ڪراچي ۾ منعقد ٿينديون: صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر

ڪراچي-02 ڊسمبر (اي پي پي) راندين واري صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر چيو آھي ته 35 هين نيشنل گيمز 6 کان 13 ڊسمبر تائين ڪراچي ۾ منعقد ٿينديون، جڏهن ته افتتاحي تقريب 2 وڳي نيشنل اسٽيڊيم ۾ شروع ٿيندي ۽ رانديگرن ۽ آفيشلز جي آمد 12 وڳي کان اڳ مڪمل ڪئي ويندي. اهڙو اظهار هن 35هين نيشنل گيمز 2025 جي تيارين بابت سنڌ حڪومت جي اعليٰ سطحي ڪميٽي جي …

ڪراچي-02 ڊسمبر (اي پي پي) راندين واري صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر چيو آھي ته 35 هين نيشنل گيمز 6 کان 13 ڊسمبر تائين ڪراچي ۾ منعقد ٿينديون، جڏهن ته افتتاحي تقريب 2 وڳي نيشنل اسٽيڊيم ۾ شروع ٿيندي ۽ رانديگرن ۽ آفيشلز جي آمد 12 وڳي کان اڳ مڪمل ڪئي ويندي. اهڙو اظهار هن 35هين نيشنل گيمز 2025 جي تيارين بابت سنڌ حڪومت جي اعليٰ سطحي ڪميٽي جي هڪ اهم اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس دوران افتتاحي تقريب جي تيارين ۽ سيڪيورٽي انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. سيڪريٽري تعليم زاهد حسين عباسي بريفنگ ڏيندي چيو ته سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن ۽ ڪاليجن جا 10 هزار کان وڌيڪ شاگرد نيشنل راندين ۾ حصو وٺندا ۽ ان حوالي سان ٽائون ۽ ضلعي سطح تي فوڪل پرسن مقرر ڪيا ويا آهن. ٽرانسپورٽ کاتي ٻڌايو ته 6 کان 13 ڊسمبر تائين عورت رانديگرن لاءِ گلابي بسون فراهم ڪيون وينديون. جڏهن ته ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه چيو ته ٽريفڪ پوليس جا فوڪل پرسن ٻين صوبن کان ايندڙ رانديگرن ۽ مهمانن سان گڏ مقرر ڪيا ويندا ۽ ٽريفڪ پوليس رهائشگاهن کان وٺي جڳهن تائين موجود هوندي. سردار محمد بخش مهر چيو ته افتتاحي تقريب ۾ حصو وٺندڙ خاندانن جي آن لائن رجسٽريشن شروع ٿي چڪي آهي ۽ سخت سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويندا. سڀني ادارن کي باهمي هم آهنگي ۽ مڪمل تعاون کي يقيني بڻائڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي آهي. ثقافت واري وزير سيد ذوالفقار علي شاهه چيو ته ثقافت کاتو نيشنل گيمز جي سمورن پروگرامن ۾ مڪمل سهڪار فراهم ڪندو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته راندين جي تيارين، سرگرمين ۽ نيشنل گيمز جي واڌاري بابت سوشل ميڊيا، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي هڪ خاص مهم شروع ڪئي ويندي. راندين واري وزير سردار محمد بخش مهر چيو ته سنڌ حڪومت ۽ سنڌ اولمپڪ ايسوسيئيشن راندين جي تيارين کي آخري شڪل ڏئي ڇڏي آهي ۽ ڪراچي ۾ عالمي معيار جون رانديون منعقد ڪيون وينديون. اجلاس ۾ راندين واري سيڪريٽري منور علي مهيسر، تعليم واري سيڪريٽري زاهد حسين عباسي، ڊي جي پي آرز ڊاڪٽر معيز الدين احمد پيرزاده، حبيب الله ميمڻ، ٽرانسپورٽ کاتي، ڊي آءِ جي ٽريفڪ، ڊي سي اوڀر سميت مختلف کاتن جي اعليٰ آفيسر شرڪت ڪئي.

مزید خبریں