ڪوٽڙي جي ريلوي ڪالوني ۾ تاريخي چرچ جي بحالي واري ڪم جو افتتاح

حيدرآباد -02 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر انٿوني نويد ريلوي لائين ڪوٽڙي ۾ قائم تاريخي چرچ جي بحالي واري منصوبي جو باضابطا افتتاح ڪري ڇڏيو. افتتاحي تقريب ۾ قديمي ماڳن واري ڊائريڪٽر جنرل عبدالفتاح شيخ، بشپ حيدرآباد ڊائيسز، ڪليم جون، پاڪستان پيپلز پارٽي ڄامشورو جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر موھن لال ڪوهستاني،  ڀگوان داس، رابيل ملاح، ڪمال خان ڇڇر، مقامي مسيحي برادري، مذهبي اڳواڻن، سياسي، سماجي شخصيتن …

حيدرآباد -02 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر انٿوني نويد ريلوي لائين ڪوٽڙي ۾ قائم تاريخي چرچ جي بحالي واري منصوبي جو باضابطا افتتاح ڪري ڇڏيو. افتتاحي تقريب ۾ قديمي ماڳن واري ڊائريڪٽر جنرل عبدالفتاح شيخ، بشپ حيدرآباد ڊائيسز، ڪليم جون، پاڪستان پيپلز پارٽي ڄامشورو جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر موھن لال ڪوهستاني،  ڀگوان داس، رابيل ملاح، ڪمال خان ڇڇر، مقامي مسيحي برادري، مذهبي اڳواڻن، سياسي، سماجي شخصيتن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ اسيمبلي  جي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته سنڌ دنيا ۾ بين المذهبي هم آهنگي، ڀائيچاري ۽ رواداري جي سڃاڻپ طور سڃاتي وڃي ٿي، جتي هر مذهب ۽ ثقافت جا ماڻهو امن ۽ عزت سان گڏ رهن ٿا. هن چيو ته چرچ جي بحالي اقليتي برادريءَ جي مذهبي آزاديءَ جو عملي ثبوت آهي، جيڪو سنڌ حڪومت جي اقليتن سان يڪجهتيءَ جو واضح اظهار آهي، انٿوني نويد چيو ته حڪومت اقليتن جي سماجي، تعليمي ۽ معاشي ترقي لاءِ پڻ مختلف منصوبا تيزي سان مڪمل ڪري رهي آهي، جنهن سان اقليتي برادري قومي ڌارا ۾ ڀرپور نموني سان شامل ٿي سگهي. هن زور ڏنو ته حقيقي ترقي تڏهن ممڪن آهي جڏهن سماج جي هر فرد کي برابر موقعا فراهم ڪيا وڃن. ڊپٽي اسپيڪر وڌيڪ چيو ته صوبائي اسيمبلي اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي ته جيئن هر شهري کي عزت، برابري ۽ تحفظ فراهم ٿي سگهي. هن چيو ته چرچ جو افتتاح صرف هڪ عمارت جو افتتاح نه، پر امن، محبت ۽ ڀائيچاريءَ جي پيغام جي نئين شروعات آهي. انٿوني نويد ٻڌايو ته ڪوٽڙي ريلوي لائن چرچ سنڌ جي قديم ترين عبادتگاهن مان هڪ آهي، جيڪا 1846ع ۾ تعمير ٿي هئي ۽ لڳ ڀڳ 179 سالن بعد ان کي اصل حالت ۾ بحال ڪرڻ لاءِ ڪم جي شروعات ڪئي وئي آهي. هن چيو ته بحاليءَ جو ڪم تقريبن 150 ڏينهن اندر مڪمل ڪيو ويندو ۽ ان ۾ معيار تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو. ان موقعي تي قديمي ماڳن جي ڊائريڪٽر جنرل عبدالفتاح شيخ ٻڌايو ته سنڌ صوبي ۾ 3200 کان وڌيڪ قديمي عمارتون رجسٽرڊ آهن، جن مان چرچن سميت لڳ ڀڳ 200 عمارتن جي بحاليءَ جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪوٽڙي ريلوي لائن چرچ جي بحاليءَ تي تقريبن 30 ملين رپيا خرچ ايندو ۽ ڪم جلد مڪمل ڪيو ويندو، جنهن ۾ واش روم سميت ٻيون بنيادي سهولتون به شامل آهن. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته حڪومت بين المذهبي هم آهنگي کي وڌيڪ هٿي ڏيندي رهندي، ڇو ته اهڙيون تقريبون سماج ۾ امن، ڀائيچاري ۽ هم آهنگيءَ کي هٿي ڏين ٿيون.

مزید خبریں