مهنگائي ۾ گهٽتائي سبب پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي، سيڙپڪارن جو ڀرپور اعتماد بحال

اسلام آباد -02 ڊسمبر (اي پي پي) ملڪ ۾ مهنگائي ۾ گهٽتائي جي تازي رپورٽ سامهون اچڻ کانپوءِ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج (پي ايس ايڪس) ۾ اڱاري ڏينهن ڪاروبار جي هاڪاري شروعات ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ سيڙپڪارن ڀرپور دلچسپي جو مظاهرو ڪيو ۽ مارڪيٽ ۾ نمايان تيزي ڏسڻ ۾ آئي. مارڪيٽ اوپن ٿيندي ئي ڪي ايس اي 100 انڊيڪس ۾ 1،058 پوائنٽس اضافو رڪارڊ ٿيو ،جنهن کانپوءِ انڊيڪس وڌي 169،120 …

اسلام آباد -02 ڊسمبر (اي پي پي) ملڪ ۾ مهنگائي ۾ گهٽتائي جي تازي رپورٽ سامهون اچڻ کانپوءِ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج (پي ايس ايڪس) ۾ اڱاري ڏينهن ڪاروبار جي هاڪاري شروعات ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ سيڙپڪارن ڀرپور دلچسپي جو مظاهرو ڪيو ۽ مارڪيٽ ۾ نمايان تيزي ڏسڻ ۾ آئي. مارڪيٽ اوپن ٿيندي ئي ڪي ايس اي 100 انڊيڪس ۾ 1،058 پوائنٽس اضافو رڪارڊ ٿيو ،جنهن کانپوءِ انڊيڪس وڌي 169،120 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو. اها شرح گذريل بندش  کانپوءِ 168،062.19 پوائنٽس جي ڀيٽ ۾ 0.56 سيڪڙو بهتري جو اظهار آهي. حڪومتي معاشي پاليسين، مالياتي نظم و ضبط ۽ مهنگائي جي دٻا ۾ گهٽتائي جا هاڪاري اثر سڌي ريت سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ بهتري جي صورت ۾ سامهون اچي رهيا آهن. رپورٽ مطابق نومبر 2025ع لاءِ ملڪ جي بنيادي مهنگائي معمولي گهٽتائي سان 6.24 سيڪڙو کان گهٽجي 6.15 سيڪڙو ٿي وئي، جنهن مارڪيٽ کي هڪ مضبوط هاڪاري اشاري طور تي ورتو.