سينيٽ جي جنرل سيٽ لاءِ ضمني چونڊ جو شيڊول جاري

لاهور -02 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽر عرفان الحق صديقي جي وفات سبب خالي ٿيل سينيٽ جي جنرل سيٽ لاءِ ضمني چونڊ جو شيڊول جاري ڪيو ويو. پنجاب جي اليڪشن ڪمشنر کي ان چونڊ لاءِ رٽرننگ آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ 10 ، ڪورٽ اسٽريٽ لاهور مان باضابطا پبلڪ نوٽيس به جاري ڪيو ويو. شيڊول موجب اميدوار 4 ۽ 5 ڊسمبر 2025ع کان رٽرننگ آفيسر جي آفيس …

لاهور -02 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽر عرفان الحق صديقي جي وفات سبب خالي ٿيل سينيٽ جي جنرل سيٽ لاءِ ضمني چونڊ جو شيڊول جاري ڪيو ويو. پنجاب جي اليڪشن ڪمشنر کي ان چونڊ لاءِ رٽرننگ آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ 10 ، ڪورٽ اسٽريٽ لاهور مان باضابطا پبلڪ نوٽيس به جاري ڪيو ويو. شيڊول موجب اميدوار 4 ۽ 5 ڊسمبر 2025ع کان رٽرننگ آفيسر جي آفيس ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي سگهندا. شروعاتي فهرست 6 ڊسمبر تي شايع ڪئي ويندي، نامزدگي ڪاغذن جي جاچ پڙتال 8 ڊسمبر تائين مڪمل ڪئي ويندي. فارم جي منظوري يا رد ڪرڻ خلاف اپيلون 10 ڊسمبر تائين داخل ڪرائي سگهجن ٿيون جڏهن ته اپيلن تي فيصلي جي آخري تاريخ 12 ڊسمبر 2025ع  مقرر ڪئي وئي آهي. اميدوارن جي نظرثاني ٿيل حتمي فهرست 13 ڊسمبر تي جاري ڪئي ويندي. اميدوار 15 ڊسمبر تائين پنهنجا نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي سگهن ٿا. ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ 24 ڊسمبر 2025ع کان صبح جو 9 کان 4 وڳي تائين  پنجاب اسيمبلي ۾ منعقد ڪئي ويندي.